اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ايف بي آر چيئرمين چئن مهينن کانپوءِ ٻيهر تبديل ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر محمد اشفاق کي نئون ايف بي آر چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب عاصم احمد کي هلندڙ سال 9 اپريل تي ايف بي آر جو چيئرمين مقرر ڪيو هو، جڏهن ته ڊاڪٽر محمد اشفاق کي ايف بي آر جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت ۾هن وقت تائين 5 ايف بي آر چيئرمين هٽايا ويا آهن.
