لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب عبدالعليم خان ۽ مون سميت سڀ تحريڪ انصاف جو حصو آهن، نئين جماعت ٺاهڻي هجي ها ته تحريڪ انصاف جو عهدو ڇڏي چڪو هجان ها، هن چيو ته نئين سياسي جماعت ٺاهڻ جون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن.
