ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ايم اين اي طلعت حسين مهيسر پ پ ليڊيز ونگ جي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪري ڇڏي آهي. طلعت حسين مهيسر پي پي عورتاڻي ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر سان ملاقات بعد پي پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، فريال ٽالپر طلعت حسين مهيسر کي پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته عوام جي مفاد ۾ ضروري آهي ته جمهوريت پسند هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين. پي پي عوام جي حقيقي نمائنده جماعت آهي. ان موقعي تي ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي، ضياءَ الحسن لنجار، عرفان ظفر لغاري، فياض علي ٻٽ، سجيلا لغاري ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.
