120

عدالت پاران تيل ۽ گئس ڪمپنين جي فنڊن جي استعمال تي بي اعتمادي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران “سوشل ڊيولپمينٽ فنڊز” جي استعمال توڙي آسپاس جي ڳوٺن کي گئس جي فراهمي بابت داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران سمورن ضلعن ۾ فنڊن جي استعمال تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي 17 جنوري تي جاري اسڪيمون مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ حڪومت جي فوڪل پرسن کان فنڊن جي وصولي سميت ڳوٺن کي گئس جي فراهمي ۽ جاري ترقياتي ڪمن بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت سمورن ضلعن ۾ فنڊن جي استعمال تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا ڪمپنين طرفان فراهم ڪيل رقم مان ٺاهيل پروجيڪٽس مان عوام کي فائدو پهچي رهيو آهي؟ صوبي اسڪولز، پارڪس ۽ ٻيا منصوبا مڪمل ڪيا آهن جيڪو عوام جو بنيادي حق آهي. عدالت چيو ته رڳو روڊ ٺاهڻ تي ڌيان ڏيڻ بدران لائبريري، انٽرنيٽ ۽ اسڪالر شپ جي فراهمي بابت پروجيڪٽس کي ترجيح ڏني وڃي جڏهن ته روڊ ٺاهڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. عدالت آرڊر جي ڪاپي فيڊرل سيڪريٽريز ۽ منسٽري آف پيٽروليم اينڊ فنانس کي موڪلڻ جي پڻ هدايت ڪئي جڏهن ته عدالت ڄاڻايل حڪم جي ڪاپي سنڌ جي چيف سيڪريٽري، ورڪس اينڊ سروسز واري سيڪريٽري ۽ ايم ڊي، ايس ايس جي کي موڪلڻ جي به هدايت ڪئي آهي. عدالت جاري اسڪيمون ايندڙ ٻڌڻي تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي سنڌ حڪومت جي فوڪل پرسن کان فنڊن جي وصولي سميت ڳوٺن کي گئس جي فراهمي ۽ جاري منصوبن بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته مختلف آئل اينڊ گئس ڪمپنين سنڌ حڪومت کي 15 جولاءِ تائين 13 ارب کان وڌيڪ رقم فراهم ڪئي جنهن سان هينئر تائين سمورن ضلعن ۾ 661 اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو