119

تڪراري آدمشماري جي نتيجن تي تڪبنديون نٿيون ٿي سگهن:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ صلاحڪار قانون بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊيون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي پر متنازعه آدم شماري تي حلقه بنديون نه ٿيون ٿي سگهن، سنڌ کي زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي شديد قلت جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي سنڌ جو هاري پاڻي نه هئڻ جي ڪري ڏکيائين جو شڪار آهي، جڏهن ته ارسا پنهنجي من ماني ڪري سنڌ سان گڏ زيادتي ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ڪابينا اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي ڪيو. صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو پڻ ساڻس گڏ هئا. بيريسٽر مرتضٰي وهاب وڌيڪ چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ توانائي کاتي، لوڪل گورنمينٽ ۽ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي وزيرن پاران بريفنگ ڏني وئي ۽ بيوروڪريسي جي اندر پڻ ڪجهه مسئلا هئا اڄ کان آفيسرن کي فلوٽنگ ڪئي وئي آهي 21 گريڊ جي پوسٽ تي هاڻي 20  گريڊ جا آفيسر ڪم ڪري سگهندا ڇوته سنڌ ۾ وفاقي آفيسرن جي شديد گهٽتائي آهي لڳ ڀڳ 140 آفيسرن جو اسان کي گهٽتائي جو منهن ڏسڻو پوي ٿو جنهن جي ڪري سنڌ ڪابينا اهو قدم کنيو آهي پاڙيسري ملڪ چين کي ڪجهه زمين الاٽ ڪئي وئي آهي چين کي ڪلفٽن ۾ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي جنهن جي سنڌ ڪابينا منظوري ڏني آهي. مڪاني اليڪشن جي حوالي سان بيريسٽر مرتضٰي وهاب جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو نه بلڪي ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪميشن کي چيو آهي ته هو مقامي حڪومت جي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ تيار آهي پر شرط اهو آهي ته آدم شماري درست ڪئي وڃي انهيءَ متعلق گهربل گزارشون اليڪشن ڪميشن جي سامهون رکيون ويون آهن اسان جو موقف ٻڌي ڪري اليڪشن ڪميشن چيو ته اسان پنهنجو اجلاس ڪوٺائي ٻڌائينداسين جنهن جو اسان کي انتظار آهي. هڪ سوال تي بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته عدالت چوندي آهي ته او پي ايس آفيسر نه لڳايو وڃي ان لاءِ فيصلو ڪيو ويو آهي گريڊ 20 کان 21 ڪيو ويندو، واپڊا هينئر کان ئي سنڌ جي حالت بري ڪري ڇڏي آهي. بيريسٽر مرتضٰي وهاب لاهور واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته لاهور ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو وڏو افسوس آهي بربريت جي واقعن ۾ وزير اعظم جو موقف بحيثيت وزير اعظم اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن. صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو ته وڏي وزير جي پريس ڪانفرنس جي بعد سنڌ جي حصي جو هڪ لک ڪيوسڪ کان پڻ گهٽ ڪري ڇڏيو آهي بدين ۽ پڇڙي وارا علائقا بري طرح متاثر ٿيا آهن اسان وٽ سرء جي فصل جو پاڻي ناهي، اسان وٽ ايترو پاڻي ناهي جو عمرڪوٽ ۽ ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪري سگهون، آبپاشي کاتي پاران گذريل ڏينهن ارسا کي هڪ خط لکيو ويو آهي ته صوبي کي پاڻي ڏنو وڃي، سنڌ ۾ نهري پاڻي جي شديد کوٽ سبب ماڻهو روڊن تي آهن ۽ سنڌ جي هارين کي ٽي ارب کان وڌيڪ جو نقصان ٿي چڪو آهي جڏهن ته ارسا سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي ڪرڻ تي لهي پيو آهي.   

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو