ليکڪ: الطاف ابڙو
جيڪڏهن ڌرتي تي ڪا وڏي آسماني آفت اچي ٿي ڪڙڪي يا ان کي ڪو معاشي مسئلو وڪوڙي ٿو وڃي ته ان صورتحال ۾ دنيا جا محفوظ ترين ۽ مضبوط ترين ملڪ آمريڪا، روس يا چين نه پر ڪي ٻيا آهن، هتي اسان پيش ڪري رهيا آهيون، دنيا جي ڪن مضبوط ۽ محفوظ ترين ملڪن جي هڪ تازي لسٽ ”سسٽينبلٽي جرنل“ ۾ ڇپيل برطانيا جي اينگليا رسڪن يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ انهن ملڪن جي فهرست جوڙي وئي آهي، جن ۾ خاص ڪري قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت سڀ کان وڌيڪ آهي، اهي آفتون موسمي، معاشي، سماجي يا ڪنهن ٻئي قسم جون ٿي سگھن ٿيون، جهڙوڪ موجوده دور ۾ ڪورونا واري وبا. محققن مطابق دنيا ۾ هر قسم جي آفتن سان مقابلي ۽ ان کان جٽاءُ جي معاملي ۾ سڀ کان محفوظ ملڪ نيوزيلينڊ آهي، محققن جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ ۾ هر قسم جا لوڏا سهڻ جي سگھه سڀ کان وڌيڪ آهي، جرنل مطابق نيوزيلينڊ جا رهواسي ٻين حفاظتي اپائن وٺڻ کانسواءِ بنڪر اڏڻ لاءِ پڻ زمينون خريد ڪري رهيا آهن، انهيءَ ريت آسٽريليا ۾ به نيوزيلينڊ واري صورتحال آهي، محققن ان تحقيق ۾ آسٽريليا جي تسمانيه واري علائقي تي خاص ڌيان ڏنو آهي، محقق چون ٿا ته آسٽريليا، خاص ڪري تسمانيه ۾ جديد متبادل توانائي جا وسيلا موجود آهن ۽ عوام ۽ سرڪار گڏجي انهن جي جوڳي استعمال لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، سسٽينبلٽي جرنل جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آئرلينڊ وٽ توانائي جي تجديد وارا سمورا وسيلا موجود آهن، زرعي پيداوار به جام آهي ۽ انهن سمورن جي وسيلن جي ڀيٽ ۾ ان ملڪ جي آبادي تمام گھٽ آهي، جيڪا ان کي محفوظ ۽ مضبوط بڻائي رهي آهي، گھٽ آبادي ۽ نارٿ ايٽلانٽڪ سان سڌي ريت ڳنڍيل هجڻ سبب آئسلينڊ دنيا جي محفوظ ترين ملڪن ۾ شامل آهي، ان جي ڀرپاسي ڪو به گھڻي آبادي وارو ڪو ٻيو ملڪ نه آهي، ان سان گڏوگڏ ان ملڪ کي معدنيات جا به وڏا وڏا ذخيرا آهن جنهن ڪري هي ملڪ ڪنهن به قدرتي يا ٻي آفت کي آساني سان منهن ڏئي ويندو، برطانيا جي صورتحال کي به آئرلينڊ سان ڀيٽي سگھجي ٿو، ان جي زرخيز زمين کانسواءِ ان جا قابل تجديد توانائي وارا ذريعا ان لاءِ قدرتي آفتن سميت معاشي مشڪلاتن کان محفوظ رکڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا، جڏهن ته انهن جي فني ۽ معاشي ترقي به سندن سگھه جو اهم سبب آهي، 3 ڪروڙن ۽ 80 لک جي آبادي واري ڪينيڊا ۾ به ڪنهن قدرتي يا غيرقدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي وڏي سگھه آهي، ان ملڪ جي زمين زرخير آهي ۽ مها سمنڊن تائين سڌي رسائي اٿس. اتر آمريڪا سان ڳانڍاپو به هن ملڪ لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيو آهي، جڏهن ته سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقي به معاشي مضبوطي جو اهم حوالو بڻيل آهي، 55 لک آبادي وارو هي ملڪ يوريشيا سان زميني تعلق، قابل تجديد توانائي ۽ فني ترقي کانسواءِ صنعتي ميدان ۾ شاندار صلاحيتن وارو ملڪ آهي ۽ هر قسم جي امڪاني آفت کي سهسائي ويندو، فنلينڊ، ڊنمارڪ، سويڊن جرمني ۽ فرانس کي محققن ناروي کان پوءِ رکيو آهي. سڀني جون حالتون گھٽ وڌ ناروي واريون آهن ۽ معاشي صورتحال هجي يا آبهوا، انهن ملڪن وٽ انهن سمورين آفتن کي منهن ڏيڻ جي سگھه وڏي پيماني تي موجود آهي، جپان کي به ان فهرست ۾ ناروي جي برابر رکيو ويو آهي، جيتوڻيڪ آبادي جي لحاظ سان ان جي آبادي ناروي کان تمام گھڻي وڌيڪ آهي. پر سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ترقي ۽ توانائي جا جديد طريقا ۽ زرعي ۽ صنعتي پيداوار جي وڏي سگھه ان کي طاقتور بڻايو آهي.