112

پنهنجي انجام ڏانهن وڌندڙ نريندر مودي…!!

ليکڪ: سوتڪ بسواس

نريندر مودي انڊين ووٽرن سان هڪ ڊگهو هني مون گذاري ورتو آهي، ان دوران دولت سان مالامال ۽ بهترين تنظيمي ڍانچي واري ڀارتيا جنتا پارٽي به ان جي پٺيان بيٺل رهي آهي، هن ان دوران قومپرست هندو حامين جو هڪ گروهه ٺاهي ورتو آهي جيڪو ڏکي کان ڏکي وقت ۾ به سندس حمايت ڪري ٿو، ووٽرن کي پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ مخالفن خلاف چالون هلڻ ۾ هن ڪمال چالاڪي جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو به سچ آهي ته قسمت به نريندر مودي جو ساٿ ڏنو آهي، سندس حامي کيس ان جي وڏين غلطين تي معاف ڪندا رهيا آهن، جنهن ۾ 2016ع ۾ وڏن ڪرنسي نوٽن جي خاتمي وارو معاملو به هو، انڊيا ۾ ڪووڊ 19 جي پهرين لهر کانپوءِ معيشت جي خراب ڪارڪردگي باوجود سندس حمايت ۾ گهٽتائي نظر نه پئي آئي، گڏوگڏ مضبوط مخالفت جي غير موجودگي به سندس طاقت ۾ واڌ جو سبب بڻي هئي، پر ڇا هاڻ نريندر مودي جي مقبوليت ۾ گهٽتائي اچڻ لڳي آهي؟ جولاءِ ۾ انڊيا ٽوڊي ميگزين طرفان ڪيل راءِ شماري ۾ 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ ٿيا، جنهن ۾ رڳو 24 سيڪڙو ماڻهن جو اهو مڃڻ هو ته 70 سالن جي مودي کي انڊيا جو ايندڙ وزيراعظم ٿيڻ گهرجي، عام چونڊون 2024ع ۾ ٿينديون، مطلب ته مودي جي حمايت هاڻ سو مان 24 سيڪڙو رهي آهي، گذريل سال ان قسم جي هڪ راءِ شماري جي ڀيٽ ۾ مودي جي مقبوليت ۾ 42 سيڪڙو کوٽ آئي آهي،  يوگندرا ياديو جيڪو ان کان اڳ به راءِ شماري ڪرائي چڪو آهي هاڻ هڪ سياستدان آهي ۽ مودي جي نقادن مان هڪ آهي، هو چوي ٿو ته مون پنهنجي پوري ڪيريئر ۾ ڪنهن به وزيراعظم جي مقبوليت ۾ ايتري تيزي سان گهٽتائي ايندي ناهي ڏٺي، 2021ع نريندر مودي لاءِ انتهائي ڏکيو ثابت ٿيو آهي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر ۾ هزارين ماڻهن جي موت کانپوءِ سندس ساک کي عالمي تنقيد سبب انتهائي گهڻو نقصان پهتو آهي، هن وقت معيشت بحران جو شڪار آهي، مهانگائي ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي ۽ روزگار جي موقعن ۽ کپت ۾ گهٽتائي نظر اچي رهي آهي. ان حوالي سان راءِ شماري ۾ بداعتمادي ۽ ماڻهن جي پريشانين جي به عڪاسي ٿئي ٿي، راءِ شماري مطابق 70 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ آهي ته عالمي وبا ڪورونا دوران سندن آمدني گهٽجي وئي آهي ۽ ايترن ئي ماڻهن جو اهو به مڃڻ آهي ته سرڪاري طور تي ٻڌايل انگن اکرن جي ابتڙ ڪورونا وائرس ۾ ٿيندڙ موتن جو تعداد 4 لک 30 هزارن کان تمام گهڻو مٿي آهي، پر 36 ماڻهن مودي طرفان ڪورونا بابت فيصلا سازيءَ کي سٺو قرار ڏنو آهي، رڳو 13 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته ان جي حڪومت کي ئي ماڻهن جي ڏکيائين جو ذميوار قرار ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن ته 24 سيڪڙو ماڻهو اهو مڃين ٿا ته وفاقي ۽ رياستي حڪومتن ڪووڊ 19 جي خلاف موثر ڪم نه ڪيو آهي.عالمي وبا کانسواءِ به ان راءِ شماري ۾ اهڙيون شاهديون ملن ٿيون، جنهن مان خبر پوي ٿي ته نريندر مودي جي مقبوليت ۾ گهٽتائي ڇو اچي رهي آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري هن وقت سامهون ايندڙ 2 سڀ کان وڏا پريشان ڪندڙ مسئلا آهن، تقريبن هڪ ڏهائي ماڻهن جو چوڻ هو ته شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه آڻڻ هن حڪومت جي سڀ کان وڏي ناڪامي آهي، دهلي ۾ قائم  پاليسي ريسرچ مرڪز سان لاڳاپيل راهول ورما جو چوڻ آهي ته مودي جي مقبوليت ۾ گهٽتائي حيران ڪندڙ هرگز نه آهي، نريندر مودي راءِ ورهائڻ وارن اڳواڻن مان هڪ آهي، نقادن مطابق سندس اقتدار جي دور ۾ ميڊيا جي آزاديءَ ۾ گهٽتائي ٿي آهي، وزيراعظم 2014ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنسون ناهن ڪيون ۽ ان کان حڪومت جي حوالي سان ٿيندڙ تنقيد برداشت نٿي ٿئي، نريندر مودي ۽ سندس پارٽي تي سياست ۾ خراب رويا استعمال ڪرڻ جو الزام لڳايو وڃي ٿو ۽ ڳجهي معنيٰ ۽ ورهائڻ وارن پيغامن ذريعي فرقيواراڻين فسادن کي هوا ڏيڻ جي به دعويٰ ڪئي وڃي ٿي، شهريت واري تڪراري قانون ۽ زراعت جي شعبي ۾ اصلاحن بابت هارين جي احتجاج سندس شڪست نه کائيندڙ تشخص کي نقصان پهچايو آهي، سندس پارٽيءَ کي مئي ۾ اولهه بنگال ۾ ٿيل شڪست سندس مخالفن جو حوصلو وڌايو آهي، اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته هڪ اهڙو اڳواڻ جنهن جو چهرو بل بورڊز، ويڪسينيشن سرٽيفيڪٽن، اخبارن ۽ ٽي وي جي اشتهارن يعني هر جاءِ تي نظر اچي ٿو، ان جي ريٽنگ ۾ گهٽتائي ان جي شخصيت جي ٺاهيل اميج ۾ ڪمزوري طرف اشارو آهي، دهلي ۾ موجود هڪ پولنگ ايجنسي سي ووٽرز جيڪا 543 تڪن ۾ هر هفتي 10 هزار انٽرويوز ڪري ٿي، مطابق نريندر مودي جي مقبوليت ۾ گذريل سال آگسٽ جي مهيني کان مئي تائين 37 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، مئي مهيني ۾ سندس پارٽي اولهه بنگال ۾ چونڊ هاري ۽ پوءِ ان ئي مهيني ۾ ڪورونا جي ٻي لهر سڄي انڊيا کي لوڏي ڇڏيو، يشونت ديش مک جو چوڻ آهي ته مودي جي مقبوليت ۾ ڪڏهن به 37 سيڪڙو گهٽتائي نه ٿي آهي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مودي جي پارٽي سان تعلق رکندڙ اڪثروڏن وزيرن جي ريٽنگز ۾ به گهٽتائي ٿي آهي ۽ 10 مان 9 سڀ کان وڌيڪ مقبول وزيراعليٰ بي جي پي سان تعلق نٿا رکن، پوءِ به ووٽرن جي تازا ترين سروي ۾ مودي جو اميج بهتر ناهي ٿيو، پر چيو وڃي ٿو ته ريٽنگز ۾ گهٽتائي مودي کي اقتدار تان هٽائڻ لاءِ ڪافي نه هوندي ۽ پنهنجي گهٽ ترين سطح تي هجڻ باوجود مودي جي ريٽنگز پنهنجي مخالف ڪانگريس جي راهول گانڌي کان وري به ٻيڻي آهي، يعني وزيراعظم کي مخالف ڌر جي عدم موجودگي سبب به واڌو پوائنٽون ملي رهيون آهن، ورما چوي ٿو ته مودي اڃا به ڊوڙ ۾ اڳتي آهي پر مقبوليت ۾ گهٽتائي سان ان کي پريشاني ضرور ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو