ليکڪ: تنوير ملڪ
افغانستان ۾ طالبان جي قبضي کانپوءِ خطي ۾ هڪ نئين صورتحال جنم ورتو آهي، پاڙيسري ملڪ هجڻ سبب افغانستان ۾ ايندڙ تبديليءَ سان پاڪستان سڌي ريت متاثر ٿئي ٿو ان ڪري اڪثر ذهنن ۾ اهو سوال موجود آهي، مستحڪم ٿيڻ جي ڪوششن ۾ مصروف پاڪستاني معيشت تي اها صورتحال ڪهڙي طرح اثرانداز ٿي سگهي ٿي، پاڪستاني معيشت مالي سال 2020ع ۾ 70 سالن جي بدترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڏيکاريو هو پر 30 جون 2021ع تي ختم ٿيندڙ گذريل مالي سال ۾ اها ڪجهه مضبوط ٿيندي نظر آئي، هڪ طرف اها معيشت آءِ ايم ايف پروگرام جي شرطن تحت مالي ڊسيپلين ۽ شرطن ۾ ٻڌل آهي ته ٻئي طرف ان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جو رجحان انتهائي گهٽ نظر آيو آهي، ياد رهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ سرمائيڪاري جيڪا اسٽاڪ مارڪيٽ ۽ گورنمينٽ سيڪيورٽيز ۾ اچي ٿي، ان ۾ ڪيترن ئي هفتن کان انتهائي گهٽتائي نظر اچي رهي آهي، صرف جولاءِ جي مهيني جي انگن ۽ اکرن کي ڏٺو وڃي ته پاڪستان انويسٽمينٽ بانڊن ۾ ڪا به پرڏيهي سيڙپڪاري ناهي آئي، جنهن جو سبب افغانستان ۾ جون جي مهيني ۾ شروع ٿيندڙ طالبان جي اڳڀرائي ۽ ان جا پوري خطي تي اثر هئا، پاڪستان جا ڪاروباري ۽ واپاري حلقا معاشي ۽ مالياتي معاملن جا ماهر افغانستان ۾ تبديلي ٿيندڙ صورتحال کي اڃا ڏسو ۽ انتظار ڪريو جي تجويز ڏين ٿا، جيتوڻيڪ ڪابل تي طالبان جي قبضي کان فوري پوءِ پاڪستان جي مالياتي شعبي ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ انتهائي منفي ردعمل ڏيکاريو پر هڪ ٻه ڏينهن ۾ انهن شعبن ۾ بحالي ڏٺي وئي، جنهن جي ڪري ماهرن مطابق ڪابل تي ڪنهن خونريزي کانسواءِ طالبان جو قبضو هو، معيشت جي ماهرن مطابق اڃا تائين افغانستان ۾ وڏي پئماني تي خوني راند ۽ گهرو ويڙهه جو نه هجڻ پاڪستان ۽ ان جي معيشت لاءِ سٺو آهي، پر پاڪستان جا معاشي ۽ مالياتي شعبا صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن ته مستقبل ۾ حالتون ڪهڙي پاسي بيهن ٿيون، پاڪستاني معيشٽ جنهن جي مالي سال 2020ع ۾ منفي زيرو پوائنٽ 4 سيڪڙو معاشي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي، اها مالي سال 2021ع ۾ 4 سيڪڙو وڌي وئي ۽ موجوده مالي سال لاءِ تقريبن 5 سيڪڙو جو گروٿ هدف مقرر ڪيو ويو آهي، پر پاڪستان هن وقت 6 ارب ڊالرن واري آءِ ايم ايف پروگرام جي شرطن ۾ ٻڌل آهي، ٻئي طرف ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح عروج تي آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان کي برآمدات ۽ ناڻي جي صورت ۾ ايندڙ ڊالرن جي ڪري ڪافي سهارو مليو آهي پر ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌيڪ شيون گهرائڻ جي ڪري مسئلو بڻيل آهي، رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي اگهه ۾ ڪيترن ئي مهينن کان مسلسل واڌ نظر اچي رهي آهي، جنهن جي ڪري ٻاهران ايندڙ شين جن ۾ پيٽروليم مصنوعات ۽ کاڌي پيتي جون شيون مهانگن اگهن تي اچي رهيون آهن ۽ پاڪستان جي مٽاسٽا واري شرح ۾ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جي ڪري بگاڙ پيدا ٿي چڪو آهي. ٻئي طرف ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مسلسل گهٽتائي نظر آئي آهي ۽ موجوده مالي سال جي پهرئين مهيني جولاءِ ۾ ان ۾ 39 سيڪڙو گهٽتائي نظر آئي آهي، مٿان وري ڪابل تي طالبان جي قبضي جا اطلاع ايندي ئي پاڪستاني معيشت جي هڪ اهم ذريعي اسٽاڪ مارڪيٽ منفي ردعمل جو مظاهرو ڪيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 400 پوائنٽن جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، ڪي اي ايس بي سيڪيورٽيز جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آصف ارسلان سومري ٻڌايو ته اسٽاڪ مارڪيٽ جو سرمائيڪار افغانستان جي صورتحال تي ڪافي پريشان هو، ان ڪري جيئن ئي ڪابل تي طالبان جو قبضو ٿيو، اسٽاڪ مارڪيٽ تيئن ئي ردعمل ڏيکاريو ۽ مارڪيٽ 400 پوائنٽون ڪري پئي پر جيئن جيئن ڪابل تي بنا ڪنهن رت وهائڻ جي قبضي جون خبرون اچڻ شروع ٿيون ته سرمائيڪارن جو اعتماد بحال ٿيڻ شروع ٿيو ۽ مارڪيٽ رڪور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ افغان صورتحال جي ڪري پاڪستاني بانڊن جو ڌڙا ڌڙا وڪرو شروع ٿي ويو، جنهن جي ڪري ان جي 5، 10 ۽ 30 سالن وارن بانڊن جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي وئي، پاڪستان طرفان عالمي مارڪيٽ ۾ سرمايو حاصل ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل انهن بانڊن جي سيڪنڊري مارڪيٽ ۾ ڏي وٺ ٿيندي آهي، پر ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ عالمي سرمائيڪارن انهن بانڊن ۾ دلچسپي گهٽائي ڇڏي، جنهن جي ڪري انهن جي وڪري ۾ گهڻي واڌ ڏسڻ ۾ آئي. آصف سومري ٻڌايو ته افغانستان ۾ تبديلي کانپوءِ سرمائيڪارن انهن بانڊن ۾ انتهائي گهٽ دلچسپي ڏيکاري، جنهن جي ڪري انهن جو وڪرو دٻاءَ جو شڪار ٿيو، پر هن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته جيئن جيئن افغانستان ۾ حالتون تبديل ٿي رهيون آهن ۽ جيڪڏهن اتي پرامن طريقي سان اقتدار جي منتقلي جا معاملا طئه ٿي وڃن ٿا ته انهن بانڊن جي ٻيهر خريداري شروع ٿي سگهي ٿي.معاشي ماهر ڊاڪٽر فرخ سليم ٻڌايو ته بانڊن جون قيمتون ڪرڻ جو سبب مارڪيٽ جو مجموعي ردعمل هو ته سرمائيڪار ڪهڙي طرح سوچي رهيو آهي، هڪ ته سوچ اها هئي ته حالتون خراب آهن ۽ افغانستان ۾ گهرو ويڙهه ٿي سگهي ٿي، جيڪا مهاجرن کي پاڪستان طرف ڌڪي سگهي ٿي، پر اڃا تائين جيڪي حالتون نظر اچن ٿيون، ان ۾ ڪو به رت ناهي وهيو ۽ بنا ڪنهن مزاحمت جي طالبان ڪابل ۾ داخل ٿيا آهن، جنهن جي ڪري پاڪستاني معيشت تي انتهائي گهڻا منفي اثر ناهن پيا، پاڪستان ۾ واپار ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جي وڏي نالي عارف حبيب جو چوڻ آهي ته خدشا تمام گهڻا هئا، پر پرامن طريقي سان ڪابل تي طالبان جي قبضي پاڪستاني معيشت کي ڪنهن وڏي ڌچڪي کان بچائي ورتو آهي، جيتوڻيڪ اسٽاڪ مارڪيٽ شروعاتي طور تي منفي ردعمل ڏيکاريو پر پوءِ ان آهستي آهستي رڪور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر فرخ سليم مطابق پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ مسئلو پناهگيرن جي اچڻ جو آهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين مهاجرن جي اچ وڃ نظر ناهي آئي، پر جيڪڏهن اڳتي هلي پرامن طريقي سان اقتدار جا معاملا طئه نٿا ٿين ۽ ڪنهن جنگ جو خطرو ٿئي ٿو ته مهاجرن جي آمد پاڪستان ۽ ان جي معيشت لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن اهو تاثر وڌيو ته پاڪستان طالبان جي مدد ڪئي آهي ته رسمي ۽ غير رسمي طور تي پاڪستان مٿان دٻاءُ وڌي سگهي ٿو، جيڪو معاشي پابندين جي صورت ۾ سامهون اچي سگهي ٿو. خطي جي صورتحال جي ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري واري سوال تي ڊاڪٽر فرخ ٻڌايو ته پاڪستان ۾ پهريان به ڪا خاص سرمائيڪاري نه اچي رهي هئي ۽ جيڪا ٿوري گهڻي هئي اها به ڪجهه شعبن تائين محدود هئي، آصف ارسلان سومري چيو ته پاڪستان لاءِ هڪ شيءِ پريشان ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي ته افغانستان جي ڪري آمريڪا جي پاڪستان ۾ به دلچسپي هئي ۽ ان جي ڪري ڊالر اچي رهيا هئا پر هاڻ جيڪڏهن آمريڪا جي دلچسپي ختم ٿئي ٿي ته آمريڪا ۽ ان جي اشاري تي هلندڙ عالمي مالياتي ادارن طرفان ايندڙ ڊالرن جو وهڪرو رڪجي سگهي ٿو. افغانستان سان پاڪستان جي واپار بابت فرخ سليم چيو ته ان جو ڪاٿو گهڻو نه آهي، افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جي ڪري ملڪ جي پرڏيهي واپار جي شعبي تي تمام گهڻا اثر پيا، ڇو ته افغانستان ويندڙ شين ۾ گهڻيون شيون اسمگل ٿي اتي پهچن ٿيون. ڊاڪٽر قيصر بنگالي ٻڌايو ته افغانستان جي موجوده حالتن جي ڪري پاڪستان مان اسمگلنگ وڌي سگهي ٿي، جنهن جي ڪري هتي کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ قيمتون وڌي سگهن ٿيون، بنگالي چيو ته پرڏيهي سيڙپڪار محتاط ٿي ويندا ۽ خطي خاص ڪري پاڪستان ۾ سرمائيڪاري بابت اهي ڪجهه عرصو سوچيندا، هن چيو ته خدا نخواستا جيڪڏهن افغانستان گهرو ويڙهه جو شڪار ٿئي ٿو ۽ مهاجر اچن ٿا ته اهو اسان جي معيشت لاءِ بي پناهه نقصان وارو هوندو.