ليکڪ: درياهه خان جهتيال
اسين سماجي طور تي ته صفا پوئتي ڌڪيا ويا آهيون، پر سرڪاري طور تي به هن جمهوري نظام ۾ پنهنجو ڪو قدر ئي ناهي رهيو، سڄي سنڌ ۾ جتي شعور جي لاٽ ٻارڻ لاءِ علمي خزانن سان ڀريل انسانن محنتون ڪيون هجن اتي وري جمهوريت پسند هٿ ۾ کڻڻ لاءِ ڪتاب به نه ڏين ته نه رڳو زندهه ماڻهن کي تڪليف ٿيندي پر انهن جو به روح تڙپندو هوندو، جن سنڌ ۾ علم جي لاٽ ٻاري هئي، سنڌ کي سڃاڻپ ڏني هئي ۽ سنڌ جي تاريخ کي سنواريو هو، بدقسمتيءَ سان ڪرتا ڌرتا بڻيلن کي قدر واري اک ئي ناهي جو هو ڪنهن جي محبت جو قدر ڪري سگهن، اسان وٽ اها ڳالهه واضع ٿي وئي آهي ته ”سنڌ علم سان سرشار هئي“ وارو مثال مري چڪو آهي، ان کي هر رنگ ۽ روپ سان ماريو ويو آهي، هتي شعور بنهه گهٽائڻ لاءِ ڪوششون جاري ساري آهن، بنيادي طور تي ٻارن جي هٿن ۾ ڪتاب ڏيڻ بدران ڇيڻي ۽ تيشي ڏيڻ جا سانباها پيا ٿين ۽ اهو سڀ ڪجهه جمهوريت ۾ ٿي رهيو آهي، اهڙي جمهوريت جن وٽ رت ڏيڻ جا مثال آهن، اهڙي جمهوريت جن وٽ قربانيون ڏيڻ جا مثال آهن پر حقيقت ۾ اهڙو نظام آهي جنهن سان ٻارن جي بنيادي علم کي دفن ڪيو پيو وڃي، هي سڀ مثال هڪ ذڪر لاءِ آهن، هڪ دانهن جا آهن، اها دانهن ۽ ذڪر آهي هٿن ۾ ڪتاب ڏيڻ جو ۽ بنيادي پرائمري تعليم جي ڪتابن جو ذڪر آهي، جنهن کي سرڪاري ٻولي ۾ درسي ڪتاب چئبو آهي، سنڌ ۾ اسڪولن کي تالا هڻڻ جو نظام ته هاڻي پئجي چڪو آهي پر سال جي 365 ڏينهن مان جيڪي ڪجهه ڏينهن اسڪول کلن ٿا ته وري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي درسي ڪتاب نٿا ڏنا وڃن، جنهن ۾ دادو ضلعي جا پرائمري اسڪول پڻ شامل آهن، اهو دادو جنهن لاءِ مثال ڏنو ويندو آهي ته دادو سنڌ جو ويٽنام آهي، دادو جي عوام اڳوڻي آمر ضياءُ الحق جي هيليڪاپٽر کي پنهنجي سرزمين تي لهڻ ئي نه ڏنو هو، نه رڳو ايترو پر دادو جي ماڻهن جي خوف سبب کيس پناهه وٺڻي پئي هئي، ان کانسواءِ اهو مثال ته دادو ضلعي چار وزيراعليٰ ڏنا آهن، سنڌ جو موجوده وزيراعليٰ به دادو جو ئي سمجهيو وڃي ٿو ڇو جو سندس ايم پي اي واري تڪ جو ڪجهه حصو مڪاني نظام ۾ دادو جي ايم اين اي جي تڪ ۾ آهي، وزيراعليٰ پير الاهي بخش، وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه، وزيراعليٰ لياقت علي جتوئي ۽ وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه دادو ضلعي جا آهن پر اڄ نتيجو اهو آهي ته ٻيو ته ڪجهه نه سهي پر دادو ضلعي جي شاگردن کي درسي ڪتاب به ناهن ڏنا ويا، جيڪو ضلعي جي هزارين شاگردن کان پرائمري تعليم کسڻ جي برابر آهي، سنڌ سرڪار پاران تعليم جي بهتري جي دعويٰ کي سندن ئي اداري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي، دادو تعلقي جي 580 پرائمري اسڪولن جي 75 هزار 500 شاگردن مان 29 هزار 50 ٻارن لاءِ درسي ڪتاب نه ملي سگهيا آهن، گذريل ٻن سالن جي ڪري متاثر ٿيل سنڌ جي تعليم سان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ به نه گهٽايو آهي، درسي ڪتاب نه ڏئي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ضلعي جي مستقبل کي گهُٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، دادو تعلقي جي پرائمري ۾ پٽي پڙهندڙ شاگردن لاءِ 16 هزار ڪتاب گهربل هئا ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ان جو ڇوٿون حصو مطلب 4 هزار ڪتاب تعلقي جي تعليمي انتظامايا حوالي ڪيا، اهڙي ريت پهرين کان پنجين ڪلاس جي لڳ ڀڳ 29 هزار شاگردن کي درسي ڪتاب ناهن مليا، جنهن ۾ پهرين ڪلاس جي 6 هزار، ٻئين ڪلاس جي 5 هزار، ٽئين ڪلاس جي 5 هزار، چوٿين ڪلاس جي 6 هزار ۽ پنجين ڪلاس جي 5 هزار پرائمري شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملي سگهيا آهن، جنهن ڳالهه تي تعليمي تعلقي انتظاميا به پريشان آهي، هزارين پرائمري شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملڻ سبب انهن جو گذريل جولاءِ مهيني ۾ پيپر ڏيڻ ۽ پاس ٿيڻ جو ڄڻ ڪو فائدو ئي نه ٿيو آهي، ڇو جو شاگردن کي ڪتاب مليا ئي نه ته هو اڳتي پرائمري تعليم ڪيئن حاصل ڪندا؟ سڄي دادو تعلقي ۾ 29 هزار کان وڌيڪ ۽ دادو ضلعي جي ٻين تعلقن جوهي، خيرپورناٿن شاهه ۽ ميهڙ تعلقن جي 30 هزار کان وڌيڪ پرائمري شاگردن کي پڻ درسي ڪتاب اڃا تائين نه ملي سگهيا آهن، جيڪا انتهائي پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي پر سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪن تي جونءِ ناهي سُري، هن سڄي دانهن ۾ ڳالهه رڳو تعليم جي ئي آهي، سنڌ جو مستقبل بنيادي تعليم سان بهتر ٿيندو. خانگي اسڪول ڀلي تعليم ڏين پر سنڌ جا ڏاها سرڪاري اسڪولن مان پڙهي تعليم جي حوالي سان وڏو نالو ٺاهي ويا، ته پوءِ هن جمهوري نظام ۾ سنڌ جي موجوده تعليمي نظام سان اهڙي حالت ڇو؟ پرائمري سيڪٽر کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ دادو ضلعي سان ٻه اکيائي ڪئي آهي يا اداري جي عملدارن کان ڪير پُڇڻ وارو ناهي ته ڇو دادو ضلعي جي هزارين پرائمري شاگردن جي هٿن ۾ ڪتاب ناهن ڏنا ويا؟ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ادب سان تعلق رکندڙ سنڌ جي تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه کان مطالبو ڪجي ٿو خدارا! ڪجهه ڌيان ڌريو، وقت ۽ حالتون سدائين ساڳيون ناهن رهنديون، ان اهم مسئلي جو نوٽيس وٺي دادو تعلقي ۽ ضلعي جي پرائمري اسڪولن جي شاگردن کي ڪتاب ڏيارڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کان پڇاڻو ڪري هزارين شاگردن کي درسي ڪتاب ڏئي سندن والدين جي پريشاني ختم ڪيو ۽ مستقبل جي معمارن جي تعليمي مدد ڪيو.