117

مخدوم عبدالرحمان شھيد اسلام جو سچو پيروڪار..

ليکڪ: کهڙائي عبدالرزاق اڄڻ

سنڌ جي هن عظيم ڌرتي ھر دور ۾ اهڙا آدرشي، بي لوث، املهه هيرا، حق جا علمبردار، لوڪ جا رهبر ۽ رهنما، عالم، عارف، بزرگ، صوفي ۽ ظالمن جابر کي حق سچ چوڻ وارا بيباڪ انسان پيدا ڪيا آھن جن هر دور ۾ غريب، مسڪين، مظلوم، مجبور ۽ ڏتڙيل انسانن جي لاءِ وقت جي ظالم۽ جابر بادشاهن کي به حق ۽ سچ چوڻ کان ڪين ڪيٻايو آھي، اهي بزرگان دين اسلام جي آبياري لاءِ ۽ اسلام جي اصل روح کي زندهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري هميشه لاءِ تاريخ ۾ امر رهيا آهن، انهن الله وارن عظيم هستين مان سنڌ جي تاريخي، علمي، روحاني خانقاهه کهڙا شريف جو روح روان حضرت مخدوم عبدالرحمان شھيد پنهنجو مٽ پاڻ ھئو، سنڌ جي عظيم ڌرتي سان صوفين، بزرگن، پيرن، فقيرن ۽ اولياءَ الله جو تعلق جڙيل آھي، جتي سندن ياد ۾ عرس مبارڪ جا ڏھاڙا ملهايا ويندا آھن، انهن مان قديمي درگاهه کهڙا شريف تي مخدوم عبدالرحمان شھيد ۽ سندس 221 جميع شھداءَ ڪرام   1145 ھجري سانحا کهڙا شريف جو ساليانو 299 هون عرس مبارڪ باوقار، وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، مخدوم عبدالرحمان شھيد وقت جي ظالم حڪمران نورمحمد ڪلهوڙي کي حق ۽ سچ جا قلما چيا، حڪمران حق سچ جي پاداش ۾ مخدوم عبدالرحمان شھيد ۽ سندس جانثار 221 ساٿين جن ۾ درگاھه جا مريد، قرآن جا حافظ، قاري، عالم ۽ نمازي شامل هئا کي مسجد شريف جي اندر 1145ھجري ۾ 10ھزار لشڪر موڪلي شھيد ڪرايو، مخدوم عبدالرحمان شھيد ۽ سندس جانثار ساٿين جي ياد ۾ ھرسال هڪ عظيم الشان عرس مبارڪ جون تقريبون ۽ عظيم الشان شھداءَ ڪانفرنسون ڪيون وينديون آھن، جنهن ۾ سائين شھيد بادشاهه جي عظيم شخصيت تي پوري پاڪستان ۽ سنڌ جا جيد عالم، مشائخ، اديب، دانشور، شاعر۽ سگهڙ مقالن، تقريرن، شعرن ۽ بيتن ۾ ڀيٽا پيش ڪندا آھن، درگاهه جو سجاده نشين مخدوم نديم احمد هاشمي درگاهه جي مريدن، عقيدتمندن سان گڏجي مزار تي چادر چاڙھي عرس مبارڪ جي تقريبن جو افتتاح ڪندو آھي، هرسال جيان هن سال به ساليانو عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آھي، درگاهه جا مريد پهچڻ شروع ٿي ويا آھن، مخدوم عبدالرحمان شھيد هڪ بهادر انسان، نيت جو صاف، غريبن جي سدائين مدد ڪندڙ، غريبن سان گڏ ويهي ماني کائيندڙ، انسان پرست شخصيت هو، جنهن هر وقت پنهنجي وڏڙن کان مليل درس ياد رکي غريب سان بي لوث پيار ڪيو، مخدوم عبدالرحمان هاشمي پنهنجو ڪنڌ سدائين الله پاڪ جي خوشنودي لاءِ جهڪايو، مخدوم عبدالرحمان شھيد سنڌ جي انهن نامور هستين مان آھي جن هڪ طرف علم ۽ عرفان جا چراغ روشن ڪيا ته ٻئي طرف مظومن کي ظالمن جي ظلم کان بچائڻ لاءِ پنهنجي جند جان جي قرباني ڏني، مخدوم شھيد جي سوانح جا ٽي رخ نهايت روشن آھن هڪ ته پاڻ وڏا عالم هئا ۽ سندس علمي درسگاهه مان وڏا عالم ۽ حافظ پيدا ٿيا، ٻيو ته پاڻ روحاني فيض جا سرچشما هئا ۽ سندن نظر ڪيميا اثر سان ڪيترن ئي سالڪن جا قلب روشن ٿيا ۽ ٽيون ته شريعت جا سچا خادم هئا ۽ وڏي جرئت سان حق ۽ انصاف وارا فيصلا ڪيائون جنهن ڪري ظلم جا دروازا بند ٿيا، سندس علم، عرفان ۽ انصاف جي ڪري عام خلق جي ساڻن محبت ۽ عقيدت وڌي ۽ اڄ به ماڻهو سندس خدمتن، علم ۽ حق ۽ سچ جي فيصلن جي شاهدي ڏيندي ساڻس ايتري ئي محبت ڪن ٿا، جيتري ان دور ۾ ڪندا هئا، بيشڪ رب پاڪ پنهنجي سچن سالڪن جو نالو سدائين روشن رکي ٿو، اڄ مخدوم عبدالرحمان شهيد ۽ سندس 221 ساٿين کي ته دنيا ياد رکيو آهي پر انهن ظالمن کي ڪير به ياد نٿو ڪري ۽ جيڪڏهن سندن ذڪر اچي به ٿو ته اهو ظالمن جي ذمري ۾ اچي ٿو، دنيا انهن سان ئي محبت ڪندي آهي جيڪي رب جي راهه ۾ دنيا جي هٿ ٺوڪن ۽ مروج ظالماڻن رواجن خلاف حق ۽ سچ جو علم بلند ڪندا آهن ۽ غريبن، مسڪينن، مظلومن ۽ اٻوجهن جا ڀرجهلا ٿي بيهندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو