ايڊيٽوريل
پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا سبب وڌيڪ 91 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا آهن ۽ 4 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن، ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ سرڪاري ويب سائيٽ مطابق 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 59943 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 4075 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 91 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا آهن، سرڪاري پورٽل مطابق 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.79 سيڪڙو رهي آهي، انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 25094 ٿي ويو آهي ۽ مجموعي ڪيس 11 لک 31 هزار 659 تائين پهتا آهن، 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2857 مريض صحتياب ٿيا آهن ۽ مجموعي صحتياب ٿيلن جو انگ 10 لک 15 هزار 519 ٿي ويو آهي، هن وقت ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ 91064 آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر ۽ خاص معاون ڊاڪٽر فيصل پريس بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته 30 سيپٽمبر کانپوءِ اسڪول ۽ ٽرانسپورٽيشن ۾ مڪمل ويڪسينيشن کانسواءِ ڪم نه ڪري سگهبو، جڏهن ته مڪمل ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙ ماڻهو فضائي سفر به نه ڪري سگهندا، اسد عمر ٻڌايو ته 30 سيپٽمبر کانپوءِ مڪمل ويڪسينيشن کانسواءِ نه ڪو ملڪ ۾ اچي سگهندو ۽ نه ئي وري ملڪ مان وڃي سگهندو، شاپنگ مالن، هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسن ۾ به پابنديون لاڳو ٿينديون شادي جي تقريبن ۾ به 30 سيپٽمبر کانپوءِ مڪمل ويڪسينيشن کانسواءِ شرڪت جي اجازت نه هوندي، هن ٻڌايو ته 17 سال ۽ ان کان وڏي عمر جي شاگردن لاءِ 15 سيپٽمبر تائين ويڪسين جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊوز لڳائڻ لازمي آهي، ٻي صورت ۾ اهي به تعليمي ادارن ۾ نه وڃي سگهندا، ان ڪري والدين پنهنجي ٻارن جي ويڪسين ضرور ڪرائين، ڇو ته 15 آڪٽوبر کانپوءِ مڪمل ويڪسينيشن کانسواءِ تعليمي ادارن ۾ داخلا بند هوندي، هن چيو ته ريل، بس ۽ ميٽرو سميت پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ به 15 سيپٽمبر تائين ويڪسين جو هڪ ڊوز لازمي آهي، 15 آڪٽوبر تائين 2 ڊوز نه لڳايا ويا ته ٽرانسپورٽ جو عملو ۽ شهري به سفر ڪرڻ جي اهل نه هوندا، شاگردن جي ٽرانسپورٽيشن عملي لاءِ 31 آگسٽ تائين ويڪسينيشن لازمي آهي. اسان سمجهون ٿا ته ڄاڻايل سمورا رضاڪاراڻا قدم انتهائي اهم آهن ۽ وفاقي حڪومت جا عوام جي مفاد ۾ ڪيل فيصلا مڪمل عمل ٿيڻ سان بهتر نتيجا ڏيندا ۽ جهڙي طريقي سان مرحليوار ويڪسينيشن لاءِ وقت مقرر ڪيو ويو آهي، ان سان ملڪ جي سمورن ماڻهن کي ويڪسينيشن ۾ نه رڳو سهولت ٿيندي پر اهي رش کان بچي آساني سان ويڪسين ڪرائي سگهن ٿا، پر ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته ملڪ جي هر حصي، هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ گهربل مقدار ۾ ويڪسين پڻ پهچائي وڃي، وفاقي حڪومت پاران خاص ڪري شاگرد لاءِ ڏنل ايس او پيز ۽ مقرر ڪيل وقت ۾ ويڪسينيشن ضروري آهي، ڇو ته گذريل ٻن سالن کان ملڪ ۾ تعليمي ادارا بند هجڻ سبب سڀ کان وڏو نقصان تعليم جو ٿيو آهي، ڇو ته ٻيا ڪاروبار ته وقفي وقفي سان کلندا ۽ بند ٿيندا رهيا آهن پر تعليمي ادارا مڪمل طور بند آهن، ان ڪري هن سونهري موقعي مان شاگردن ۽ والدين کي ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي ۽ وڌ کان وڌ ۽ مڪمل ويڪسين ڪرائڻ گهرجي جيئن انهن جي مستقبل جو مسئلو حل ٿي سگهي، اسان سمجهون ٿا ته وفاق جا قدم ملڪ ۽ عوام لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندا.