اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي اهتمام هيٺ پاڪستان ۾ سڄي دنيا وانگر انٽرنيشنل باڪسنگ ڊي سڀاڻي جمعي واري ڏينهن ملهايو ويندو، پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل ڪرنل ( ريٽائرڊ ) ناصر اعجاز تنگ ٻڌايو ته 27 آگسٽ تي انٽرنيشنل باڪسنگ ڊي ملهائڻ جي حوالي سان تياريون جاري آهن ان سلسلي ۾ پاڪستان فيڊريشن سان ڳنڍيل سمورن ادارن ، صوبائي ۽ ريجنل ايسوسي ايشنز کي هدايت جاري ڪئي ته 27 آگسٽ تي ڌوم ڌام ۽ شان شوڪت سان ضلعي ڊويزن جي سطح تي باڪسنگ جي شيڊ واور شو بوٽ جي نمائشي مقابلا منعقد ڪرائين ان کان سواءِ انهي ڏينهن پاڪستان فيڊريشن جي اهتمام هيٺ آن لائن باڪسنگ سيمينار به منعقد ٿيندو جنهن ۾ سڄي ملڪ مان ريفريز ، جج ۽ رانديگر حصو وٺندا.
