لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڪالعدم تحريڪ لبيڪ جي سربراهه مولانا سعد رضوي جي نظربندي خلاف دائر درخواست تي ٻڌڻي 6 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي سرڪاري وڪيل کان دليل طلب ڪري ورتا. آيا مخصوص مدي کانپوءِ حڪومت پنجاب کي نظربندي جو اختيار آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن ڌرين کي به دليل پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس امجد رفيق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي ٻڌڻي تي پنجاب جو اسپيشل گهرو سيڪريٽري سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا. درخواست ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، چيف سيڪريٽري پنجاب، گهرو سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب، ڊي سي لاهور ۽ سي سي پي او لاهور کي ڌر بڻايو ويو آهي. ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جو وڪيل موقف اختيار ڪيو ته دائر درخواست ٻڌڻي جوڳي نه آهي، درخواست گذار لاڳاپيل فورم کان رجوع ئي نه ڪيو.
