136

گورنر سنڌ پاران لاڙڪاڻي ۾ مبينه پوليس تشدد ۾ نوجوان جي مارجڻ جو سخت نوٽيس

ڪراچي  (ويب ڊيسڪ) گورنر سنڌ عمران اسماعيل لاڙڪاڻي ۾ مبينه پوليس تشدد ۾ نوجوان جي مارجڻ جي حوالي سان ميڊيا رپورٽ تي سخت نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان فوري رپورٽ طلب ڪئي. جاري ڪيل پڌرائي مطابق هن چيو ته ايس ايڇ او طرفان آزادي لاءِ 40 هزار روپين جي مبينه رشوت جو گهر افسوسناڪ ۽ ناقابل برداشت آهي. گورنر سنڌ چيو ته پوليس کاتي ۾ پوليس زيادتي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ سخت قانوني ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو