153

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران کنڀي گم ڪيل ماڻهن جا سڄاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ کين فوري بازياب ڪرائڻ جو حڪم

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل لاڙڪاڻي واسي پٺاڻ خان زھراڻي سميت ٽن ڄڻن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ کين فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. عدالت اھڙو حڪم ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت ڄاڻايل شھرين جي بازيابي بابت پوليس، رينجرز ۽ ٻين ادارن کي گڏيل ڪوشش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي گھرو وزارت کان 22 سيپٽمبر تي تفصيلي رپورٽ پڻ  طلب ڪري ورتي آھي. ٻڌڻي دوران پوليس جا جاچ آفيسر پيش ٿيا جنھن تي عدالت انھن کان پڇيو تھ گم ٿيل ماڻھن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڪٿي استعمال ٿيا ان بابت رپورٽ پيش ڪريو. عدالت پڇيو تھ گم ٿيل شھرين جي موبائيل فون جو رڪارڊ ڪٿي آھي؟ ڇا ان مان مدد ورتي وئي آھي جنھن تي جاچ آفيسرن چيو تھ گم ٿيل شھرين جي فون جي ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکيا ويا آھن پر اڃا تائين جواب ناھي مليو جنھن تي عدالت چيو تھ فون جي سي ڊي آر حاصل ڪرڻ تھ ھڪ ڏينھن جو ڪم آھي پر ان باوجود توھان ٻن سالن تائين سي ڊي آر بھ حاصل نھ ڪري سگھيا آھيو جنھن مان لڳي ٿو تھ  پوليس کي گم ٿيل ماڻھن جي ڪيسن سان ڪا دلچسپي ناھي. عدالت جاچ آفيسر کي مخاطب ٿيندي چيو تھ جيڪڏھن توھان کي سي ڊي آر نھ ٿي ملي تھ پنھنجي آفيسرن کي لکو. عدالت چيو تھ غفلت ۽ لاپرواھي ڪندڙ آفيسر پوليس فورس ۾ رھڻ جا اھل ئي ناھن. عدالت چيو تھ گم ٿيل شھرين کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ جاچ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويندو. ان موقعي تي رينجرز جي پراسڪيوٽر ڄاڻايل شھرين بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو تھ ڄاڻايل شھري رينجرز جي تحويل ۾ ناھن جنھن تي عدالت رينجرز جي پراسيڪيوٽر کي چيو تھ جيڪڏھن اھي شھري رينجرز جي تحويل ۾ ناھن تڏھن بھ شھرين کي تحفظ مھيا ڪرڻ رياستي ادارن جي ذميواري آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو