ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز وفاقي حڪومت پاران هزارين ملازمن کي وفاق پاران بيروزگار ڪرڻ واري عمل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو سهارو وٺي 11 وفاقي کاتن مان ملازمن کي برطرف ڪيو پيو وڃي، نااهل وفاقي سرڪار عوام کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ بدران بيروزگار ڪري رهي آهي، اهڙو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ايم اين اي شازيه عطا مري ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته برطرف ڪيل وفاقي ملازمن جو ڪيس 2012 ۾ داخل ڪيو ويو، جن کي 1996 ۾ سياسي انتقام ذريعي هٽايو ويو هو، بعد ۾ انهن کي 2010 ۾ قانونسازي ڪري ٻيهر بحال ڪيو ويو هو.ھن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪريون ٿا ته پنھنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽وفاقي کاتن مان برطرف ٿيندڙ ماڻهن کي بحال ڪيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ 10 جون تي صرف ھڪ نوٽيس ذريعي سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙن 8 وفاقي ملازمن کي بنا جوزا برطرف ڪري ڇڏيو نااهل حڪومت اڳي به ساڳي ريت ماڻهن کي اسٽيل ملز ۽ ريڊيو پاڪستان ۽ ٻين کاتن مان برطرف ڪري چڪي آهي، سوئي سدرن گئس مان 26 سو ملازمن کي ڪڍيو ويو آهي،
شازيا مري چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي ان باوجود ٽي پي ۽ سي جي لنڪ ڪئنال ارسا جي اجازت سان وهن پيا، اهي فوري طور تي بند ڪري 1991واري پاڻي معاهدي تحت صوبن کي پاڻي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. شازيه مري پاڪستان ميڊيا ڊوولپمنٽ اٿارٽي کي پاڪستان ميڊيا ڊزاسٽر اٿارٽي قرار ڏيندي چيو ته اها بدترين ميڊيا سينسر شپ جو هڪ ذريعو آهي، اها آزادي راءِ ۽ سوچ کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هڪ صحافي کي ان لاءِ سزا ڏني پئي وڃي ته هو پنهنجي آزاديءَ راءِ جو اظهار نه ڪري. ھن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت صحافين کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي، هنن بهادر صحافين دهشتگردي سان مقابلو ڪيو آهي. ھن چيو ته اطلاعات وارو وفاقي وزير ان بابت ڪوڙ ڳالهائي رھيو آھي، سندس وزارت پروپيگنڊا واري وزارت طورڪم ڪري رھي آھي ماڻهن کي خاموش ڪرڻ لاءِ پي ايم ڊي اي آرڊيننس کي نئين سنسرشپ طور نافذ ڪيو پيو وڃي.