ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ نئين حڪومت ٺاهڻ لاءِ مشاورت هلندڙ آهي جڏهن ته طالبان حڪومت ٺاهڻ کان اڳ ملڪ جا سياسي معاملا هلائڻ لاءِ 12 ڄڻن واري ڪونسل ٺاهي ڇڏي آهي. ان ڪونسل ۾ ملا عبدالغني برادر، ملا محمد يعقوب، خليل الرحمان حقاني، حامد ڪرزئي، عبدالله عبدالله ۽ گلبدين حڪمتيار پڻ شامل آهن. جڏهن ته طالبان ڪابينا ٺاهڻ لاءِ مشاورت تيز ڪري ڇڏي آهي، ان باب ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته افغان ڪابينا ۾ فوجي ڪميشن جي اڳوڻي سربراهه عبدالقيوم ذاڪر کي بچاءُ وارو وزير، ذبيح الله مجاهد کي اطلاعات ۽ ثقافت جو وزير ۽ محمد نبي المروي کي خوست صوبي جو گورنر مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي، ان کان علاوه ڪابينا ۾ ٻيا افغان اڳواڻ به شامل ٿيندا پر ان لاءِ اڃان مشاورت هلندڙ آهي. ٻي پاسي طالبان جي دوحه سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته نئين حڪومت سمورن افغان نمائندن تي ٻڌل ۽ طالبان جي گذريل دور جهڙي ئي هوندي جنهن جو سربراهه رئيس الوزراء ٿيندو. حڪومت ۾ سموريون افغان ڌريون شامل ٿينديون، افغان سياستدانن سان مشاورت هلندڙآهي اهڙي حڪومت چاهيون ٿا جنهن ۾ عوام جا نمائندا شامل هجن. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان جو اڳ وارو آئين قبضي جي دور ۾ ٺهيل آهي ان ڪري اسين ملڪ جو نئون آئين ٺاهينداسين جيڪو افغان عوام جي فائدي ۾ هجي ۽ جنهن ۾ سڀني کي پنهنجا حق ملي سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جو طالبان تي ڪو به اثر و رسوخ نه آهي اهو ماضي جو ڪوڙو الزام آهي جنهن کي اسين 20 ورهين کان رد ڪندا پيا اچون، پنهنجي فيصلا قومي مفادن ۾ ڪندا آهيون. هن هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ چيو ته افغان عورتون پنهنجو منهن ڍڪين يا کليل رکن اها انهن جي مرضي آهي، هن وقت به ڪابلجي ميڊيا جي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون اسڪارف پائين ٿيون انهن کي ڪنهن به نه روڪيو آهي.
