اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان کي ملڪ ۾ دهشتگردي جي اجازت نه ڏينداسين. طالبان اها ضمانت ڏئي ڇڏي آهي ته هاڻي افغانستان جي ڌرتي ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ڀارت دهشتگردي ۾ ملوث آهي، ڀارت ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغانستان ۾ پنهنجي ڪونسليٽ استعمال ڪندو رهيو آهي. ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي، ڀارت افغانستان ۾ ناڪامي کي منهن ڏنو، افغان صورتحال تي ڀارت جو پريشان ٿيڻ لازمي ڳالهه آهي، ڀارت ۾ جيڪو پِٽڪو ٿي رهيو آهي، ان سان انهن جي چهرن تي شڪست نظر اچي رهي آهي، ان جو سڄي دنيا کي احساس آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان آمريڪا جي اتحادي هجڻ جو وڏو نقصان کنيو آهي، افغانستان جو مسئلو اتان جي عوام جو پنهنجو مسئلو آهي، پاڪستان سڌي ريت افغانستان جي ڪنهن مسئلي ۾ ملوث نه آهي، افغانستان ۾ امن پاڪستان جي خواهش آهي، اسان سڄي دنيا سان گڏ بيٺا آهيون. چمن بارڊر پاڪستان ۽ افغانستان جي واپار وارو رستو آهي، 5 ڏينهن ۾ واپار ۾ ٻيڻ تي واڌ ٿي آهي. پاڪستان تي پناهگيرن جي جي معاملي تي ڪو دٻاءُ نه آهي، طالبان خاطري ڪرائي آهي ته افغان سرزمين ڪنهن جي خلاف به استعمال نه ٿيندي،
