162

ڊرگ مافيا، اسمگلرز ۽ منشيات وڪروڪندڙ خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو وڃي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ ۾ منشيات واپراھيندڙ ماڻھن جي بحاليءَ لاءِ 200 بسترن تي ٻڌل اسپتال / بحالي مرڪز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ پوليس کاتي کي ھدايت ڪئي آھي تھ ڊرگ مافيا، اسمگلرز ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف آپريشن تيز ڪيو وڃي. اھا ڳالھھ وڏي وزير اربع ڏينھن وزيراعليٰ ھائوس ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز شاھھ، آءِ جي پوليس مشتاق مھر، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، اسپيشل ھوم سيڪريٽري، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب منھاس، ڊي آءِ جي اوڀر. ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد رياض، ڊي آءِ جي ھيڊڪوارٽرز پير محمد شاھھ، ڊي آءِ جي ويسٽ ڪيپٽن (ر) عاصم، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاھد، ڊي آءِ جي سي آءِ اي نعمان صديقي، وڏي وزير جو ايڊيشنل سيڪريٽري فياض جتوئي شريڪ ھئا. انسپيڪٽر جنرل پوليس مشتاق مھر وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تھ ڊرگ مافيا خلاف 263 ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، انھن مان 51 ڏکڻ زون، 77 اوڀر زون، 53 اولھھ زون، 16 حيدرآباد، 15 ميرپورخاص، 13 شھيد بينظيرآباد، 21 سکر ۽ 17 لاڙڪاڻي ۾ داخل ڪيا ويا آھن. آءِ جي پوليس ٻڌايو تھ 71 ڏوھارين کي گرفتار ڪيو ويو آھي جن ۾ ڏکڻ ۽ اوڀر زون ۾ ھڪ ھڪ، اولھھ ۾ 3، لاڙڪاڻي ۾ 21، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شھيد بينظيرآباد ۾ 12 ۽ سکر ۾ 9 ۽ 7185 ڪلو گٽڪو ماوو برآمد ڪيو ويو آھي. ھن وڏيڪ ٻڌايو تھ سڄي سنڌ 211 ڏوھارين کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ سندن قبضي مان 299 ڪلو چرس، 4 ڪلو آئس، 3.432 ڪلو ھيروئن، 2 ڪلو افيون ۽ 7675 شراب جون بوتلون ھٿ ڪيون ويون آھن. ڊي آءِ جي حيدرآباد شرجيل کرل، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار مھر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظھر نواز شيخ، ڊي آءِ جي سکر فدا مستوئي ۽ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪت ڪئي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ منشيات واپراھيندڙ ماڻھن لاءِ ھڪ 200 بسترن تي مشتمل بحالي مرڪز قائم ڪيو وڃي، حڪومت سينٽر قائم ڪندي ۽ ان کي ھلائڻ لاءِ ھڪ سٺي ساک واري خانگي شراڪتدار کي ڏنو ويندو. مراد علي شاھھ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ سمورن ريجنل ڊي آءِ جيز کي ھدايت ڪئي تھ نھ رڳو منشيات وڪرو ڪندڙن کي نشانو بڻايو پر اسمگلرز ۽ وڏن ڊيلرز جي گرفتار عمل ۾ آندي وڃي. ھن چيو تھ سندس صوبي کي ھر قسم جي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ سندس اھا رپورٽ آھي تھ پوليس ٿاڻن حالي روڊ ۽ حسين آباد حيدرآباد، ڪوٽري ضلعي ڄامشورو، گھوٽڪي جي ميرپورماٿيلو، خيرپور جي بي سيڪشن، سکر سٽي ۽ نوشھرو فيروز جو ڪنڊيارو ۾ منشيات جو ڪاروبار ڳجھي ريت جاري آھي. ھن لاڳاپيل آءِ جيز کي سخت ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ھن پوليس خاص طور تي اولھھ ڪراچي، ڪيماڙي. قمبرشھدادڪوٽ، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ۾ پيٽرول جي اسمگلنگ خلاف خاص مھم شروع ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. اقليتن خلاف ڏوھن بابت آءِ جي پوليس وڏي وزير کي ٻڌايو تھ گذريل 10 ڏينھن دوران 4 ڪيس رپورٽ ٿيا، ڏکڻ ڪراچي، اوڀر ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص مان ھڪ ھڪ شامل آھن. عورتن بابت ڏوھن بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ 38 ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، 5 ڏکڻ ڪراچي، 15 اوڀر ڪراچي، 4 اولھھ ڪراچي، 7 لاڙڪاڻي، 5 حيدرآباد، 3 شھيد بينظيرآباد ۽ 2 سکر مان جن مان وڌيڪ ڪيس گھريلو تشدد جا ھئا. اغوا جا 5 ڪيس رپورٽ ٿيا، انھن مان 4 ھني ٽريپ جا ھئا، اغوا ڪندڙن ۾ عورتن جي آواز ۾ ماڻھن کي ڦاسايو ويو. وڏي وزير پوليس کي ھدايت ڪئي تھ ماڻھن کي اھڙي ريت ڦاسائڻ کان بچڻ لاءِ آگاھي مھم شروع ڪئي وڃي. اسٽريٽ ڪرائ، بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ گذريل ڏھن ڏھاڙن 11 کان 20 آگسٽ دوران ڪار ڦر جا 2 واقعا، 53 ڪار چوري، 104 موٽرسائيڪل ڦر، 1194 موٽرسائيڪل چوري ۽ 576 موبائل ڦر جا ڪيس داخل ٿيا آھن. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ سندس اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪندو رھي. ھن چيو تھ مون وٽ ڪجھھ اطلاع آھن تھ پوليس اھلڪار سنگين ڏوھن ۾ ملوث ھئڻ سبب برطرف ڪيا ويا آھن ۽ اھي ڪراچي ۾ ڪجھھ پوليس آفيسرن سان گڏجي خانگي طور تي ڪم ڪري رھيا آھن جيڪو ناقل قبول آھي. ھن آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ اغوا ۾ ملوث ٻن پوليس اھلڪارن جن کي گرفتار ڪيو ويو آھي انھن کي ان حوالي سان نشان عبرت بڻايو وڃي. اجلاس جي شروع ۾ وڏي وزير ٻن اھم ايونٽس 14 آگسٽ ۽ عاشورن کي پرامن ريت ٿيڻ تي پوليس جي واکاڻ ڪئي. ھن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پڻ ساراھھ ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو