لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيتري تيزي سان ٽيڪنالاجي ايڊوانس ٿي رهي آهي اسان کي پنهنجي ٻارن کي به ان پاسي وٺي وڃڻو آهي جنهن کي اهي جلدي سمجهي سگهن ٿا، ان سان گڏوگڏ اسان کي ٻارن جي سٺي تربيت به ڪرڻي آهي. گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب ايجوڪيشن ڪنوينشن 2021ع جي تقريب کي خطاب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مينار پاڪستان جو واقعو شرمناڪ آهي، اسان جي ننڍپڻ واري دور ۾ اهو تصور به نه ٿي سگهندو هو ته اهڙيون حرڪتون ٿي سگهن ٿيون ڇو ته عورت جي جيڪا عزت پاڪستان ۾ هوندي هئي اولهه ۾ نه هئي پر هاڻي اهڙن واقعن جو سبب ٻارن جي تربيت نه هجڻ آهي اهڙا واقعا نه دين ۽ نه اسان جي ڪلچر جو حصو آهن، اهو اسان جي موبائيل فون جي استعمال جو هڪ غلط رخ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان جي لاءِ اهو ضروري آهي ته پنهنجي ٻارن جي تربيت ڪريون جنهن جو هڪ ئي طريقو آهي ته انهن کي نبي ڪريم صه جي زندگي بابت آگاهه ڪريون. اسان کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي پنهنجي زبان ۾ پڙهائڻ سان گڏوگڏ انهن جي سـٺي تربيت ڪريون ۽ انهن کي سيرت النبي ﷺ بابت پڻ تعليم ڏيون. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ انهن ملڪن ترقي ڪئي جن هڪ جهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪيو، بدقسمتي سان ماضي ۾ اسان جي ملڪ ۾ تعليم ترجيح نه رهي ۽ اسان پنهنجي تعليمي نظام کي ڊويلپ نه ڪيو جڏهن ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ئي اسان کي هڪ نصاب آڻڻ گهرجي ها، موجوده حڪومت ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪري رهي آهي، جنهن جو ايندڙ وقت ۾ تمام وڏو فائدو ٿيندو. هڪ وقت ايندو ته ماڻهو محسوس ڪندا ته ملڪ ۾ هڪ جهڙو نصاب لاڳو ڪرڻ هڪ ٽرننگ پوائنٽ آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳ ۾ سرڪاري اسڪولن مان بهترين پروفيشنل نڪرندا هئا پر آهستي آهستي سرڪاري تعليمي ادارا هيٺ وڃڻ شروع ٿي ويا ۽ هڪ ننڍڙو پرائيويٽ اسڪول سسٽم مٿي هليو ويو جنهن هڪ طبقي کي ذهني غلام ڪري ڇڏيو ۽ اهو سڀ انگلش ميڊيم ايجوڪيشن جي ڪري ٿيو. هن چيو ته دنيا ۾ جتي جتي انگريز حڪومت ڪئي انهن هڪ ننڍڙي ڪلاس جي لاءِ انگلش ميڊيم ۽ باقي جي لاءِ جنرل ايجوڪيشن جو نظام ڏنو.
