اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڻمرادو نوٽيس جي دائري اختيار لاءِ قائم ڪيل بئنچ تي اعتراض واري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، لکيل خط ۾ چيو آهي ته 5 رڪني لارجر بئنڪ ٺاهڻ کان اڳ 2 رڪني بئنچ کي آگاهه نه ڪيو ويو،آئين ۾سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي لاءِ مختلف دائرا اختيار آهي، سپريم ڪورٽ جو اهڙو ڪو به دائرا اختيار ناهي ته هو پنهنجي ئي بئنچ جي معاملن جي مانيٽرنگ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته 5 رڪني بئنچ کي اهو ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ئي ناهي، جيڪڏهن ان بئنچ ٻڌڻي جاري رکي ته اهو آئين کان مٿانهون قدم هوندو. خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار سرڪاري ملازم آهي، اهو پاڻ کي منصف ۽ آئيني ماهر سمجهندو آهي، رجسٽرار فوري نوٽيس ورتو ۽ 6 صفحن تي ٻڌل نوٽ چيف جسٽس کي موڪليو آهي.سرڪاري ملازمن پاران سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار مقرر ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ آهي.
