112

اي سي سي پاران 2 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ ۽ شام کي امدادي ڪڻڪ ڏيڻ جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪاميٽي 2 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ ۽ شام کي امدادي ڪڻڪ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ اقتصادي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين جي سربراهي ۾ ٿيو،  مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 2 لک ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ ۽ انساني همدردي جي بنياد تي شام کي ڪڻڪ امداد طور فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي،  هوڏانهن ماڪڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ چين کان ڊرونز برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ان تي هر قسم جو ٽيڪس ختم پڻ ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۾پهريون ڀيرو ماڪڙ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مشينري پڻ تيار ڪئي وئي آهي، هاڻي چين مان ڊرونز گهرايا پيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو