اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر افغانستان جي معاملي تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. سينيٽ جي چيئرمين سان ملاقات کان پوءِ ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته نئين پارلياماني سال جو پهريون اجلاس سيپٽمبر تي پهرئين هفتي ۾ گهرايو ويندو. صحافي اسپيڪر کان سوال ڪيو ته سڄي دنيا جي پارليامينٽس ۾ افغانستان جو معاملو بحث هيٺ آهي، پاڪستان ۾ ڇو نه؟ جنهن تي هن جواب ڏيندي چيو ته اسان ان معاملي تي ان ڪئميرا سيشن ڪرايو هو، اسان جو ارادو آهي ته سيپٽمبر ۾ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺنداسين، اسان گڏيل اجلاس يا قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرائينداسين.
