راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت عارف علوي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي پاڪ فوج کيس آپريشنل تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني، آءِ ايس پي آر موجب صدر مملڪت عارف علوي جو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه استقبال ڪيو، کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي، بعد ۾ صدر مملڪت عارف علوي ۽ آرمي چيف وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي، جنهن ۾ خطي ۽ ملڪي سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيو ويون. صدر مملڪت پاران پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين کان آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته سائبر سيڪيورٽي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. صدر مملڪت پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ ملڪي سلامتي لاءِ ان جي قربانين ۽ عزم کي ساراهيو.
