109

طالبان جي اڳيان جهڪڻ بدران مرڻ پسند ڪندس: احمد مسعود

بازارڪ (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي افغان ڪمانڊر احمد شاهه مسعود جي پٽ احمد مسعود چيو آهي ته آئون ڪنهن به صورت ۾ طالبان جي اڳيان نه جهڪندس. طالبان جي اڳيان جهڪڻ بدران مرڻ پسند ڪندس. آئون احمد شاهه مسعود جو پٽ آهيان منهنجي ڊڪشنريءَ ۾ “جهڪڻ “جو لفظ ئي نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئون افغانستان جي نون حڪمرانن سان ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان، پر هٿيار ڦٽا نه ڪندس. اسان جي مزاحمتي تحريڪ ۾ هزارين ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن، هٿيار به جام آهن. افغان فوج جا وڏي انگ ۾ اهلڪار پڻ اسان سان گڏجي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو