ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته سنڌ کي انتظامي بنيادن تي تقسم ڪرڻ ۾ڪهڙو مسئلو آهي؟، ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادر آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته انتظامي بنيادن تي پنجاب جي ورهاست جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته سنڌ جي ڇو نه؟ هن چيو ته حڪمران ان موضوع تي سياست ڪرڻ بدران پنهنجو اصولي موقف اختيار ڪن، انتظامي بنيادن تي صوبو شهري سنڌ جي عوام جي لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، ان موقعي تي ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، رابطي ڪميٽي جا ميمبر عدبالوسيم ۽ اسلم خان آفردي پڻ موجود هئا.
