ACCIDENT 166

ڪشمور ويجھو نامعلوم گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) ڪشمور ٿاڻي جي حد مانگھر ڦاٽڪ ڀرسان نامعلوم گاڏي  سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، جڏھن ته ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار  2 ڄڻا ذاڪر حسين مشوري ۽ ولي محمد مشوري  ٿڏي ئي تي فوت ٿي ويا ۽ طالب حسين سخت زخمي ٿي پيو. جڏھن ته نا معلوم گاڏي جو ڊرائيور رات هجڻ ۽ اونداھي جو فائدو وٺي گاڏي سميت فرار ٿي ويو. جڏھن ته علائقي واسين اھڙي واقعي جو اطلاع ڪشمور پوليس کي ڏنو، اطلاع ملڻ کانپوءِ ڪشمور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين ۽ زخمي نوجوان کي ڪشمور تعلقي اسپتال کڻائي آئي جتي ضروري قانوني ڪاروائي بعد فوتين  ۽ زخمي کي وارثن حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڪشمور ٿاڻي جي وڏي منشي  ٻڌايو ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو موٽرسائيڪل سوار رحيم يار خان کان رسالدار وڃي رھيا ھئا ۽ سامھون ايندڙ ڪوچ سان ٽڪرائجي ويا وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون فلحال واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناھي ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو