ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو راجه هائوس پهچي حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه پير پاڳاري پير سيد صبغت الله شاهه ۽ پير سيد صدرالدين شاهه راشدي سان سندن والده جي لاڏاڻي تي فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، پي پي سنڌ جو صدر نثار کهڙو، شازيه مري، پير سيد محمد راشد شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري پير پاڳاري ۽ پير سيد صدرالدين شاهه راشدي سان فاتحه خواني ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال خاص طور تي سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال سميت ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو نارٿ ناظم آباد بلاڪ ايف ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي رهائشگاهه تي پهچي سندس گهر واري ڊاڪٽر زرين حسين جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پي پي چيئرمين مرحومه ڊاڪٽر زرين حسين جي بلند درجات ۽ سندس وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جهالاوان هائوس پهچي نواب ثناءَ الله زهري سان سندس والده صاحبزادي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري نواب ثناءَ الله زهري جي والده ۽ صاحبزادي جي بلند درجات ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ان موقعي تي علي مدد جتڪ، سردار همايون گبول پڻ موجود هئا. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو لياري ايڪسپريس وي ويجهو اربن فارسٽ منصوبي جو معائنو ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو اربن فارسٽ منصوبي تحت ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم ۾ پڻ حصو ورتو. ان موقعي تي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو لياري ايڪسپريس وي سان لڳ نسيمه بلوچ پارڪ لاءِ مختص زمين جو پڻ دورو ڪيو.
