ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار فوتي ڪوٽا تحت 309 نوڪرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ جي صدارت هيٺ فوتي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو، سيد ممتاز علي شاھ چيو ته فوتي ڪوٽا تي عملدرآمد جي حوالي سان سال 2019 کان اڄ تائين 6522 نوڪرين جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ 309 نوڪرين جي منظوري پڻ ڏني وئي. جنهن ۾ صحت کاتي ۾ 50، ريونيو ۾ 12 ۽ بلديات ۾ 29، اسڪول ايجوڪيشن ۾ 129، ورڪس اينڊ سروسز ۾ 10 ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ 3، خوراڪ کاتي ۾ 7، ڪاليج ايجوڪيشن ۾ 6، پاپوليشن ۾ 6، قانون واري کاتي ۾ 1، آبپاشي ۾ 1، گھرو کاتي ۾ 1 ۽ ڪوآريٽيو ۾ 3 نوڪرين جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سمورن سيڪريٽريز کي فوتي ڪوٽا درخواستن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪميٽي جيڪي ڪيس پهرين منظور ڪيا آهن انهن جي پگھار جاري ڪئي وڃي. هن سمورن ضلعي ڊپٽي ڪمشنرن کي ڊي آر سي اجلاس گھرائڻ جي هدايت ڪئي.
118