تاشقند (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، ازبڪستان ۽ تاجڪستان خطي ۾ امن جي قيام لاءِ مشاورتي سلسلو جاري رکڻ ۽ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس مطابق پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چار ملڪي دوري جي ٻئي مرحلي ۾ اربع ڏينهن تاشقند ۾ ازبڪستان جي پنهنجي هم منصب عبدالعزيز ڪاميلوف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺائڻ ۽ افغانستان جي تازي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ جامع نوعيت جي سياسي نبيري جو حامي آهي. افغانستان ۾ امن جي قيام سان خطي ۾ واپار ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ملندي ۽ سڄو خطو فائديمند ٿيندو. جڏهن ته افغانستان ۾ صورتحال ۾ بگاڙ سڄي خطي جي امن کي متاثر ڪندو. ان کان اڳ شاهه محمود قريشي اربع ڏينهن دوشنبي ۾ تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مهر الدين ۽ صدر امام علي الرحمانوف سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي وزير تاجڪ صدر کي افغانستان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان پاڪستان جي موقف بابت به آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ افغانستان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مربوط نقطهءِ نظر اختيار ڪرڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو.
