سکر(ويب ڊيسڪ) سکر جي احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي شڪارپور خوراڪ کاتي ۾ ٿيل10 ڪروڙن جي جعلي چيڪ ڏيڻ واري ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، خوراڪ کاتي شڪارپور جي ملازم پرشوتم لال مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 7 سال قيد ۽ 10 ڪروڙ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. يادرهي ته جوابدار 10 ڪروڙن جي ڪرپشن ڪري سرڪاري ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ بعد جعلي چيڪ جمع ڪرايا هئا، جوابدار مٿان 3 سال اڳ ريفرنس داخل ڪيل هو.
116