113

ڪراچي ۾ سئي گئس مان ۾برطرف ٿيل ملازمن پاران مظاهرو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سئي سدرن گئس ڪمپني مان ٻه هزار ملازمن کي برطرف ڪرڻ خلاف ڪالهه سوين ملازمن پاران سوئي سدرن گئس ڪمپني آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ذوالفقار قادري، اعجاز بلوچ، فياض شاهه، صديق حمايتي، امتياز ميمڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. احتجاجي مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن تي سوئي سدرن گئس ڪمپني جي نااهل انتظاميه نامنظور، گو ايم ڊي گو، ڪمپني مان جبري برطرفين وارو سلسلو بند ڪيو ۽ ٻيا نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سوئي سدرن گئس ڪمپني 2 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي برطرف ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هنن چيو ته اسان پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ گڏ ٿيا آهيون ۽ اسان جي جنگ حق ۽ سچ جي جنگ آهي جيستائين برطرف ڪيل سمورن ملازمن کي بحال نه ڪيو ويندو تيستائين اسان جي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو