114

نياڻين لاءِ بند ٿيندڙ رستا نيٺ ڪير کوليندو..؟؟

ليکڪ: پرهه علي

چوڻ ۾ ته هڪ ڇوڪريءَ  کي بي حد حق  ڏنا ويا آهن پر دراصل  حقيقت ته ڪجهه ٻي ئي نظر ايندي آهي، جيئن اهو ته هميشه ڏٺو ويو آهي ته هڪ نياڻي اڄ ڪلهه جي دور ۾ بار سمجهي ويندي آهي، ٻڌڻ  ۾ ته  اڪثر  ائين ايندو آهي ته هن جديد دور ۾ نياڻين کي سطحي حق ڏنا وڃن ٿا پر اصل ۾ اهي سڀ ڳالهيون صرف چوڻ جون آهن، حقيقت ڪجهه مختلف آهي، اسان جي معاشري ۾ جڏهن هڪ پٽ جي پيدائش ٿيندي آهي ته سڀ مبارڪون ڏيندا آهن ۽ خوشي ملهائي مٺايون ورهايون وينديون آهن، جڏهن ته نياڻي جي پيدائش تي  پٺتي پيل طبقي جا ماڻهون افسوس جو اظهار ڪندا آهن، جيتوڻيڪ جيڪو سک ماءُ ۽ پيءَ کي هڪ نياڻي مان ملندو آهي، اهو شايد ئي ڪنهن پٽ مان مليو هجي، اسان هميشه محبت جي دعويٰ ته ڪندا آهيون پر هڪ محبت ڏيڻ واري نياڻي جي پيدائش تي  ناخوش نظر ايندا آهيون، نيٺ ڇو؟  اهو ان ڪري جو اسان جي معاشري ۾ نياڻين کي پٽن کان گهٽ ترجيح ڏني ويندي آهي، هڪ نياڻي کي ان جا حقيقي حق ته نٿا ملن پر ان کي ڪنهن به معاملي ۾ فيصلا ڪرڻ جو حق به نٿو ڏنو وڃي، ڇو ته هوءَ هڪ نياڻي آهي، گناهه ته ناهي نه؟  اڄ ڪلهه اسان وٽ  جيندر ڊسڪرمينيشن جو موضوع عام آهي، جنهن تي اڪثر تبصرو ٿيندو رهندو آهي، مثال طور عورتن جو نوڪري ڪرڻ، ڇوڪرن سان گڏ تعليم حاصل ڪرڻ، سوشل ميڊيا تي هجڻ، پسند جو پرڻو ڪرڻ اهڙا هزارين سوال اٿندا رهندا آهن، ايڪيهين صديءَ ۾ به محبت جو حق صرف ڇوڪري کي آهي، جيڪڏهن هڪ نياڻي پسند جي شادي جو اظهار به ڪري ته ان کي خاموش ڪيو ويندو آهي، ڇو ته گهر جي عزت آهي، ڇا گهر جي عزت صرف عورت سان آهي؟  ڳالهه جيڪڏهن وراثت جي اچي ٿي ته عورت جو حصو هجڻ باوجود ان کي نٿو ڏنو وڃي، تعليم ۾ جيڪڏهن ڇوڪرو  فيل ٿئي ته ان کي وري وري موقعا ڏنا وڃن ٿا، جيڪڏهن ڇوڪري فيل ٿئي ته ان کي شادي جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن، ڇوڪرن جو رات تائين جاڳڻ ڪير غلط نٿو سمجهي پر جي ڇوڪري جاڳي ٿي ته آخر ڇو ٿي جاڳي؟ اهو آهي منهنجو سماج!! اسان جي سماج ۾ نياڻين کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي مصيبت هوندي آهي ته اهي والدين کي ان خوف ۾ نٿيون ٻڌائي سگهن جو سڀاڻي انهن جي پڙهائي خراب ٿي سگهي ٿي، ائين هلندي هلندي ڪيتريون ئي نياڻيون  خودڪشي جهڙو گناهه ڪري وجهنديون آهن، منهنجي گذارش آهي ته مهرباني ڪري جيترا حق پٽن کي ڏنا وڃن ٿا، اوترا ئي حق نياڻين کي به ڏنا وڃن، منهنجي هن ڪالم جو مقصد اهو آهي ته جائز حق اسان نياڻين کي ڏنا وڃن، باقي غلط ڳالهين کان روڪڻ والدين جو اول حق آهي پر نياڻين لاءِ تمام آسانيون پيدا ڪيون وڃن جيڪي انهن جو حق آهن، هي سڀ ڪجهه ته عام زندگي جا ڪجهه عام مثال هئا جن جي ڪري اسان جون نياڻيون نفسياتي مرض جو شڪار ٿي وينديون آهن، ڪيترين ئي عورتن جي زندگين کي برباد ڪيو ويندو آهي ۽ ان بربادي جو ذميوار به انهن کي ئي قرار ڏنو ويندو آهي، خدارا نياڻين جي زندگين سان راند نه ڪئي وڃي، انهن جي زندگي کي سنواريو وڃي، منهنجا هي عام لفظ هئا جنهن کي مان هڪ مضمون جي شڪل ڏيڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي، هنن سڀي ڳالهن مان هر نياڻي ضرور گذري هوندي ۽ هر باشعور فرد ان کي ضرور محسوس ڪيو هوندو، هي هڪ ڪڙو سچ آهي، جنهن کي تبديل ڪرڻ گهرجي ۽ نياڻي کي بار نه پر خوشقسمتي سمجهيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو