ليکڪ: جان سوپل
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن افغانستان افراتفري جو شڪار ٿي رهيو هو ته ان دوران آئون سوچي رهيو هئس ته 11 سيپٽمبر 2001ع جي واقعي کي 20 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪجهه لکيو وڃي، ان ڪري مون پنهنجي يادن کي ڦلهورڻ شروع ڪيو ۽ آمريڪا جي سرزمين تي ٿيندڙ انهن حملن کانپوءِ ان وقت جي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش جي ڪانگريس جي گڏيل اجلاس جي خطاب کي ٻيهر ٻڌو، آمريڪا جي تاريخ جي ان انتهائي سنجيده لمحي ۾ به حاضرين مان هڪ شخص جي تمام گهڻي تعريف ڪئي وئي ۽ ان لاءِ تاڙيون به وڄايون ويون ۽ اهو شخص هو ان وقت جو برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر، ٽوني بليئر آمريڪا ۽ برطانيا وچ ۾ خاص رشتي تي ڪامل يقين رکندو هو، ان مٿان اڪثر اها تنقيد به ڪئي ويندي هئي ته هو غلامي جي حد تائين ان خاص رشتي کي اهميت ڏيندو هو، هو انتهائي تيز هو، لبرل خيالن واري بل ڪلنٽن کي گرم جوشي سان ڀاڪر پائڻ ۽ ان کانپوءِ قدامت پسند جارج ڊبليو بش کي ڀاڪر ۾ هن ڪو فرق نه رکيو، اهو اوهان جي نقطئه نظر ڀاري ٿو ته اوهان ان کي فرمانبرداري چئو يا بزدلي جو هو آمريڪي مهمن ۾ ڪنڌ جهڪائي شامل ٿيندو رهيو، جن مان خاص طور تي عراق تي حملو هو. وزارت جي اعظميٰ قلمدان ڇڏڻ کانپوءِ به جڏهن براڪ اوباما ۽ ان کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ هئا جيڪڏهن ٽوني بليئر کي تنقيد ڪرڻي هوندي هئي ته هو اهڙي طرح گهمائي ڦيرائي ڪندو هو جو ان کي سمجهڻ لاءِ اوهان کي ڳجهن پيغامن کي سمجهڻ جو ماهر هجڻ گهرجي. گذريل آچر تي ناشتي جي ميز تي جڏهن هن جوبائيڊن جي افغان پاليسي کي بيان ڪرڻ لاءِ ”بيوقوفاڻو“ لفظ استعمال ڪيو ته مون کي تقريبن ڦاهو لڳندي لڳندي رهجي وئي، هن احمق جو لفظ آمريڪي صدر لاءِ استعمال نه ڪيو پر ميڊيا جي خاص ڄاڻ رکندڙ بليئر کي خبر هئي ته اهو ان ئي طرح لکيو ۽ سمجهيو ويندو، ڄڻ هن اهو ئي چيو آهي ۽ يقيني طور تي اهي ئي هيڊ لائينون لڳايون ويون ته بليئر بائيڊن کي بيوقوف چئي ڇڏيو، اڳوڻي برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر چيو ته اهو صرف افغان شهرين جو معاملو نه آهي، اسان جي سيڪيورٽي جو به مسئلو آهي، بلڪل هو 14 سال اڳ وزيراعظم هو ۽ هاڻ هو جيڪو چاهي چئي سگهي ٿو، پر ڇا اوهان اهو سوچي سگهو ٿا ته جيڪڏهن هو اڄ وزيراعظم هجي ها ته ڪڏهن به اخبارن ۾ ڇاپڻ لاءِ اهڙي راءِ جو اظهار ڪرڻ جي جرئت نه ڪري ها. ان جو قطعي به امڪان نه هو، خاص رشتا اهڙي طرح نٿا هلن، پر آئون شرط لڳائي چئي سگهان ٿو ته بورس جانسن ان قسم جي ڳالهه لاءِ بيقرار هوندو. ڊائونگ اسٽريٽ (برطانوي وزيراعظم جي سرڪاري رهائشگاهه) جي ترديدن باوجود اخبارن ۽ رسالن ۾ ان قسم جون اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن ته يقيني طور تي بورس جانسن آمريڪي صدر جوبائيڊن جي فيصلي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ افغان بحران تي انهن ئي لفظن ۾ تبصرو ڪيو. بنا ڪنهن شڪ جي ان ۾ ٻه رايا نه آهن ته برطانوي وزيراعظم جي ڪيترن ئي فيصلن تي ڪيترائي اعتراض ڪري سگهجن ٿا ۽ آئون برطانيا مان 3 هزار ميل پري ويهي افغانستان معاملي تي بورس جانسن مٿان تمام گهڻي تنقيد ٿيندي ڏٺي آهي پر سچي ڳالهه اها آهي ته فوجون ڪڍڻ واري فيصلي تي ان تي ڪا به تنقيد نه ٿي ڪري سگهجي. هتي مان بورس جانسن سان ڪا نرمي ناهيان ڪري رهيو ۽ نه ئي مان ان جي طرف کان وضاحتون پيش ڪري رهيو آهيان، اهو حقيقت تي مبني هڪ بيان آهي، ”خاص رشتي“ تي جيستائين ڳالهه عملي قدم اچي ٿي يا جڏهن آمريڪا کي ڪنهن ڳالهه تي پريشاني ٿئي ٿي ته اهو خاص رشتو ايترو خاص نٿو رهي، افغانستان بابت آمريڪا هڪ طرفو فيصلو ڪيو يا جوبائيڊن هڪ طرفو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو به آهي، پر آمريڪي انتظاميا کي ان ۾ ڪا خاص دلچسپي نه آهي ته برطانيا ان تي ڇا ٿو سمجهي. منهنجي ڄاڻ مطابق جوبائيڊن کي ان ۾ دلچسپي نه هئي ته ڳجها ادارا ۽ فوج جي اعليٰ قيادت ڪهڙن خدشن جو اظهار ڪري ٿي، يا لنڊن طرفان ڪهڙن خطرن جي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي، هن نڪرڻ چاهيو ٿي جيتري مون کي ڄاڻ آهي برطانوي شاهي حڪومت طرفان انتهائي شدت سان انهن خطرن جو اظهار ڪيو ويو هو پر واشنگٽن ۾ ان تي ڪنهن به ڪن نه ڏنو ۽ نه ئي وري ڪو ڌيان ڏنو ويو، ان صورتحال جو تجزيو مون کي ذاتي سوچ کان ٿورو هٽي ڪرڻ ڏيو ته نيٺ برطانوي وزيراعظم ڇا ڪري سگهيو ٿي؟ جيڪڏهن هڪ 800 پائونڊ جو گوريلو ڪمري مان ٻاهر وڃڻ چاهيندو هجي ته هڪ ننڍڙي ڀولڙي کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اها سوچ ته آمريڪي فوج پيدا ٿيندڙ خلا پر ڪرڻ لاءِ برطانوي فوج کي وڃڻ گهرجي ها بلڪل حقيقت پسنداڻي هوندي، برطانيا جي دفاع واري وزارت وٽ جيترا مرد ۽ عورتون وردي ۾ آهن انهن کي نظر ۾ رکندي انهن وٽ افغانستان مان نڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ئي نه هو، يا وري هو انتهائي گهڻو جاني نقصان کڻڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ها ۽ ان باوجود شايد هو طالبان جا وڌندڙ قدم روڪي نه سگهن ها. آمريڪي فوٽ بال جي راند جي ٻوليءَ ۾ چون ٿا ته آمريڪا مقابلو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو ۽ برطانيا ان فيصلي سان گڏ بيهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو. جيئن ته آئو چوان ٿو ته اها ڊائونگ اسٽريٽ جي موجوده رهائشين جي ڳالهه ناهي پر هي ان مشهور گهر ۾ ايندڙ هر شخص جي ڳالهه آهي، آمريڪا جي صدر جڏهن ڪو فيصلو ڪري ورتو هجي ته ان کي برطانوي وزيراعظم روڪي سگهي ٿو، اهو سوچڻ به گستاخي کان گهٽ نه هوندو، بورس جانسن وڌ کان ڌ ڇا چوڻ چاهيو ٿي؟ ”بائيڊن معذرت سان آئون تو کي اهو ڪرڻ کان روڪيان ٿو“ برطانيا ۾ ڪجهه اخبارن ۾ اهو به چيو ويو ته ان وقت رونلڊ ريگن وائيٽ هائوس ۾ مارگريٽ ٿيچر ڊائونگ اسٽريٽ ۾ رهندي هئي ۽ هي خاص رشتو انتهائي مضبوط هو تڏهن به اهو سوچڻ ڏکيو هو ڇا اوهان مون کي بيوقوف بڻائي رهيا آهيو، ڇا ڪنهن کي ياد آهي ته غرب الهند جي جزيري تي 1983ع ۾ ڇا ٿيو هو؟ ان وقت سرد جنگ پنهنجي عروج تي هئي ۽ ڊومينو ٿيوري موجود هئي ۽ آمريڪا جي پويان هڪ بغاوت ٿي وئي، مارڪسسٽ سازشين وزيراعظم کي پڪڙي ماري ڇڏيو، ان جو ڀرپور قوت سان جواب ڏيڻ ضروري هو ۽ آمريڪا پوري طاقت سان آپريشن ارجنٽ فيوري جي نالي تي ڪارروائي ڪئي. لنڊن جي ڊائونگ اسٽريٽ ۾ به ڪاوڙ موجود هئي ۽ ان جو اظهار مارگريٽ ٿيچر ڪري رهي هئي ۽ هوءَ ان جي راهه ۾ ايندڙ هر شخص کي لتاڙڻ لاءِ تيار هئي، رونلڊ ريگن ان باوجود ته گرينيڊا گڏيل دولتن جي ملڪن ۾ شمار ٿيندو هو، برطانيا کي ٻڌائڻ به صحيح نه سمجهيو. برطانيا ۽ شاهي خاندان لاءِ انتهائي نفرت واري ڳالهه هئي ۽ ان تي ان وقت جي مخالف ليبر پارٽي کي حڪومت کي چڙهائي ڪرڻ جو هڪ بهترين موقعو ملي ويو پر آمريڪا کي ان ڳالهه جي ڪا پرواهه نه هئي، ان موقعي تي ان وقت جي مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ شيڊو پرڏيهي سيڪريٽري بينس هيلي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري کي برطانوي پارليامينٽ ۾ طنزيه انداز ۾ چيو هو ته جڏهن آمريڪا چوي ٿو ته ٽپو ڏيو ته پرڏيهي سيڪريٽري چوي ٿو ته ڪيڏو وڏو. حقيقت اها آهي ته ان طنز ۾ گهرو ۽ ڪڙو سچ لڪل هو. برطانيا اعتدال پسندي ۽ دانشمندي کان ڪم وٺڻ جو چئي سگهي ٿو پر جيئن ته برطانيا جي آئين تحت ماڻهن جي ووٽ سان وجود ۾ ايندڙ حڪومت ۽ اڻ چونڊيل نامزد ماڻهن تي ٻڌل دارالعمرا جا پيچيده لاڳاپا آهن بلڪل اهڙي طرح طاقتور آمريڪا ۽ ان کان گهڻو ڪمزور برطانيا جا به آهن. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ان جا بيشمار مثال ملن ٿا، 1941ع ۾ طئه ٿيندڙ ”لينڊ ليز ايڪٽ“ مڪمل طور تي آمريڪي مفاد ۾ هو، جڏهن چرچل آمريڪي جنگي جهاز خريد ڪرڻ لاءِ وڏي قيمت ادا ڪئي هئي، ان کانپوءِ سوئيز ڍنڍ بحران واري وقت آمريڪا برطانيا کي ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن ان فرانس ۽ اسرائيل سان گڏجي مصر تي جيڪو حملو ڪيو آهي ان کي نه روڪيو ته برطانيا کي ڏيوالي جو شڪار ڪيو ويندو. آئون ان قسم جا بيشمار ٻيا مثال به پيش ڪري سگهان ٿو، جنهن ۾ آمريڪا برطانيا جي احساسن ۽ جذبن جي پرواهه ڪرڻ بدران قدم کنيا هجن، آئون گذريل 7 سالن کان واشنگٽن ۾ آهيان ۽ مون ان کي انتهائي ويجهي کان ڏٺو آهي. ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته وائيٽ هائوس ۾ ڊيموڪريٽ پارٽي جو صدر آهي يا ريپبلڪن پارٽي جو ۽ برطانيا پنهنجي ڪل پيداوار جو جيترو حصو پنهنجي دفاعي بجيٽ تي خرچ ڪري ٿو ۽ اسان چيني ڪمپنين وٽان ڪهڙي ٽيڪنالاجي حاصل ڪريون ٿا ۽ ٽرمپ انتظاميا ايران جي ائٽمي پروگرام تي ڇا فيصلو ڪري ٿو ۽ ان قسم جا ٻيا ڪيترائي معاملا آهن. دراصل آئون انتهائي خشڪ ماڻهو آهيان ۽ سفارتي خط و ڪتابت انتهائي غور سان پڙهان ٿو، مون ان شيءِ کي اجاڳر ڪرڻ ضروري سمجهيو ته گذريل اڱاري واري شام تي جوبائيڊن ۽ جانسن وچ ۾ ٿيندڙ فون ڪال جنهن جو متن ڊائونگ اسٽريٽ ڇپيو آهي، ان ۾ آمريڪا کي دٻيل لفظن ۾ دڙڪا ڏنا ويا آهن. هڪ پيراگراف ۾ جڏهن ان شيءِ تي زور ڏنو ويو ته افغانستان ۾ گذريل 20 سالن ۾ ڪيل سموريون ڪوششون ۽ سٺو ڪم ضايع نه ٿي وڃي اهو ايترو ته دٻيل لفظن ۾ چيو ويو جو ان جو ڪو اثر نه رهيو، پر مون اوهان کي اهو چوندي ٻڌو ۽ اوهان درست چئو ٿا ته اهو برطانيا طرفان اهڙو پيغام نه هو، جنهن سان آمريڪا کي ڪا پريشاني ٿئي. پر اهو هو ڇا؟