182

آمريڪا جو چين خلاف نئون محاذ ۽ افغان شڪست…

ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو

آمريڪا جي ڊفينس سيڪريٽري للائڊ آسٽن پنهنجي ھڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪابل ايئرپورٽ تي موجود آمريڪي فوجين، ڊفينس ڪانٽريڪٽرن (ڪرائي جي قاتلن)، آمريڪين جي افغان ايجنٽن ۽ سندن خاندانن کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ ارڙھن ڪمرشل جھازن کي مدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، للائڊ آسٽن جي بيان جي پينٽاگون جي ترجمان جان ڪربي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته آسٽن آمريڪن ايئر لائينز، ايٽلس ايئر، ڊيلٽا ايئر لائينز ۽ اوماني ايئر جا جھاز اچي ٿا وڃن، جڏهن ته ٻه ايئر لائينز ۽ چار يونائيٽيڊ ايئر لائينز جي ڪمپنين کي حڪم ڏنو ويو آهي ته ھو جلد ڪمرشل جھاز موڪلن ته جيئن آمريڪين ۽ سندن حامين کي ڪابل مان ڪڍي سگهجي، الجزيره جي ھڪ رپورٽ مطابق اھي ڪمرشل جھاز ڪابل جي ھوائي اڏي تي نه لھندا پر ڪنهن نار واري عرب ملڪ شايد قطر يا عرب امارات ۾ پھچايل آمريڪين ۽ سندن ساٿين کي پنهنجي ٻئي منزل تائين پھچائيندا، ڪابل مان تڪڙو ماڻهن کي ڪڍڻ جا ڪافي سبب آهن پر پھريون ته آمريڪين جنهن تيزيءَ سان افغانستان مان فوجون ڪڍڻ شروع ڪيون آهن اھڙي ئي تيزيءَ سان طالبان قبضو ڪيو آهي پر ھتي سوال اهو ٿو پيدا ٿو ٿئي ته ڪٿي بائيڊن انتظاميا کي کڙڪ ته نه پئجي وئي آهي ته آمريڪي فوجين جي مڪمل طور تي نڪرڻ کان پوءِ رتوڇاڻ ٿيڻ واري آهي، جيتوڻيڪ ان جا ڪي ظاهري سبب نه ٿا نظر اچن پر حالتن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته آمريڪين جي ڪابل مان نڪرڻ کان پوءِ ئي اصل گيم شروع ٿيندي، ٻيو سبب اهو آهي ته جڏهن طالبان عام معافي جو اعلان به ڪيو آهي ته پوءِ ڪابل ۾ آمريڪا جي افغان ايجنٽن ۽ حامين جي ھوائي اڏي تي ايڏي وڏي رش ڇو آهي جو جھازن ۾ چڙهڻ جي لاءِ ماڻهو ڊگهين قطارن ۾ بيھي ويا آهن، ايتريقدر جو ماڻهو رات جو سمھن به اتي ٿا ته ڪٿي رھجي نه وڃون، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته طالبان طرفان حڪومت سازي کان پوءِ واري صورتحال کان آمريڪا جا حامي ڊنل آهن پر بائيڊن انتظاميا جھازن جي ڪمپنين کي ڪمرشل جھازن جو آرڊر ان ڪري به ڏنو آهي ته ڪابل ھوائي اڏو عالمي دنيا جي نظر ۾ سائگان کان وڌيڪ بدنام ٿي رهيو آهي جتي عام ماڻهن کي تيز رفتاريءَ سان ٻاھر ته نه ٿو ڪڍيو وڃي پر رش کي روڪڻ لاءِ فائرنگ ڪرڻي پوي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن پر حقيقت ۾ ھوائي اڏي تي ھڪ ٻيو بحران جنم وٺي رهيو آهي ته يورپي ميڊيا ۾ خبرون اچي ويون آهن ته ڪابل ھوائي اڏي تي آمريڪي اتي موجود ماڻهن کي سوئر جو گوشت کارائي رهيا آهن، جنهن سان افراتفري وڌڻ جو خدشو آهي، جنهن جي ڪري بائيڊن انتظاميا ڪمرشل جھازن جي ذريعي ماڻهن تڪڙو ڪڍڻ ٿي چاهي، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته صدر بائيڊن ۽ سندس انتظاميا تي ڪابل جي فتح کان پوءِ لڳاتار تنقيد ٿي رهي آهي، جيتوڻيڪ بائيڊن انتظاميا کي خبر آهي ته صدر بائيڊن تي اتحادين جي طرفان جيڪو دٻاءَ پيدا ٿي رهيو آهي اھو ڪجهه ڏينهن ۾ ٿڌو ٿي ويندو ۽ صدر بائيڊن ھڪ دفعو وري پنهنجي اتحادين کي ڏکڻ چيني سمنڊ واري محاذ ڏانهن وٺي ھلندو پر انهن جي جذبات کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ نيٺ بائيڊن تازي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي فوجين جي خاندانن ۽ سندن حامين کي ڪابل جي ھوائي اڏي تائين پھچائڻ جو ھڪ محفوظ رستو تيار ڪيو آهي ۽ اسان جو پھريون فرض اهو آهي ته اسان آمريڪي شھرين کي جيترو جلدي ممڪن ٿي سگهي ڪابل مان ٻاهر ڪڍي وٺون، ڪٿي ائين نه ٿئي جو طالبان بدران داعش نه آمريڪين تي حملا ڪري، ڪابل جي ھوائي اڏي تي جهڙي سست رفتاريءَ سان آمريڪي فوجي ماڻهن کي جھازن تي موڪلي رهيا آهن تنهن مان عالمي ميڊيا ۽ يورپي يونين اندازو لڳائي رهي آهي ته ھي ڪم آگسٽ کان اڳتي وڌي ويندو، اھڙن خدشن کي محسوس ڪندي پينٽاگون ترجمان جان ڪربي ھڪ پاليسي بيان ۾ چيو آهي ته صدر بائيڊن فوجون ڪڍڻ لاءِ 31 آگسٽ جي ڊيڊ لائين ڏني ھئي پر ھي ڪم سيٽمبر ۾ شايد پورو ٿيندو، جنهن جي پس منظر ۾ طالبان  جي نمائندن سان ڳالهيون جاري آهن پر دوھا ۾ طالبان جي ترجمان سھيل شاھين اسڪاءِ نيوز کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جو مقصد افغانستان  تي آمريڪا جو وڌيڪ ڏينهن قبضو هوندو،  ھڪ طرف آمريڪي فوجين جي خاندانن ۽ ايجنٽن کي ڪابل مان ڪڍڻ جو معاملو ڳنڀير ٿيندو پيو وڃي ته ٻئي طرف وري طالبان جي حڪومت ٺھڻ ۾ دير ٿي رهي آهي، جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ملان عبدالغني برادر ۽ ٻي طالبان قيادت قنڌار مان ڪابل پھچي چڪي آهي ۽ ھڪ گڏيل حڪومت ٺاهڻ لاءِ حامد ڪرزئي، عبدالله عبدالله، اڳوڻي مجاھد ڪمانڊر گلبدين حڪمت يار ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ٽيڪنوڪريٽس پڻ شامل آهن، جيڪڏهن ھن پس منظر کي ڏسجي ته آخر طالبان جي لاءِ اهڙي ڪھڙي مجبوري آهي جيڪا ھنن کي قومي حڪومت ٺاهڻ لاءِ مجبور ڪري رهي آهي، جڏهن ته افغانستان کي فتح ڪرڻ وارا طالبان ئي آهن پر ھن وقت سڀني آڏو ٻه سوال آهن جيڪي حڪومت سازيءَ ۾ دير جو سبب ٿي سگهن ٿا، پھريون ته ملڪ جو صدر ملان برادر ٿئي يا ملان عمر جو پٽ ملان يعقوب جنهن جي قيادت ۾ ڪابل سوڌو سڄو افغانستان فتح ٿيو آهي، ٻيو ته ملڪ ۾ شرعي نظام ھجي يا جمهوريت جنهن کان پوءِ دنيا جا ملڪ امداد به ڏيندا ۽ افغانستان جي ترقيءَ ۾ ھٿ به ونڊائيندا ۽ آمريڪا طرفان فريز ڪيل رقم ۽ آءِ ايم ايف جي مدد پڻ ملي سگهندي،  ھڪ طرف حڪومت سازيءَ لاءِ ڳالهيون جاري آهن ته ٻئي طرف وري ٻه تاجڪ اڳواڻ طالبان جي اختيارن کي چئلينج ڪرڻ لاءِ ميدان تي نڪري آيا آهن، انهن اڳواڻن مان ھڪ  احمد مسعود جيڪو احمد شاهه مسعود جو پٽ آهي ۽ ٻيو امر الله صالح جيڪو اشرف غنيءَ جو نائب صدر رهيو آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته اشرف غنيءَ جي ڀڄي وڃڻ کان پوءِ آئيني طور تي هو عبوري صدر آهي، امر الله صالح سان جوڙ ملائيندي احمد مسعود جيتوڻيڪ ڳالهين جو به دروازو کليل رکيو آهي پر ساڳي وقت تي مزاحمت جو به اعلان ڪيو آهي، عالمي ميڊيا ٻڌائي رهي آهي ته پنجشير واديءَ ۾ طالبان ھڪ طاقتور لشڪر موڪليو آهي جيڪو احمد مسعود  کي ھٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چوندو ٻي صورت ۾ ھڪ خونريز جنگ ٿيندي پر ڪالم لکڻ تائين احمد مسعود جي مليشيا طالبان کان فتح ڪيل ٽي ضلعا ڇڏائي ورتا آهن ۽ جنگ جاري آهي،  ھتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر احمد مسعود کي ھٿيار ۽ رقم ڪير ٿو ڏئي؟ جڏهن ته امر الله صالح ۽ احمد مسعود ته آمريڪا جا حمايتي ھئا ۽ افغان فوج جي ڪمانڊرن ۽ فوجين کي پنجشير واديءَ جو دڳ ڪنهن ڏيکاريو پر مثبت ڳالهه اها آهي ته ھن جنگ کي روڪڻ لاءِ حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله سخت ڪوششون ڪري رهيا آهن، ھاڻي ڏسجي ته ڳالهه ڪٿي ٿي پھچي، افغانستان جي اھڙي پس منظر کي ڏسندي ڪرملن جي ترجمان ڊميتري پيسڪوف پنهنجي ھڪ بيان ۾ چيو آهي ته افغانستان ۾ گهرو جنگ جو خطرو وڌي رهيو آهي پر روس ان ۾ مداخلت نه ٿو ڪرڻ چاھي، ڇاڪاڻ ته روس طالبان سان ڳالهيون ڪندو رھيو آهي پر صدر پيوٽن ڪليڪٽو سيڪيورٽي ٽريٽي آرگنائيزيشن (سي ايس ٽي او) جي اڳواڻن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ ريڊيڪل اسلام جي پکڙجڻ جا امڪان تمام  گهڻا وڌي ويا آهن ۽ ساڳي وقت تي اهو به چيو ته روس ڪنهن به صورت ۾ نه چاھيندو ته افغان  پناھگير انهن رياستن ۾ رھن جيڪي روس جي سرحدن جي ويجهو آهن، پوءِ اھي اوڀر يورپ ۾ ھجن يا وچ ايشيا ۾ ڇو نه ھجن، اھڙي ڳنڀير صورتحال کي محسوس ڪندي صدر پيوٽن اڳ ۾ ئي تاجڪستان جي سرحد تي روسي فوجون بيھاري ڇڏيون آهن ته ڪٿي افغانستان جون حالتون ڪنٽرول مان نه نڪري وڃن جن جو طالبان جي اقتدار تي اچڻ کان پوءِ گهٽ امڪان آهي، نيويارڪ ٽائيمز جي ھڪ تجزيي مطابق افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ سان خطي ۾ روس جو اثر وڌي ويو آهي پر بائيڊن انتظاميا جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوجون خطي ۾ ئي موجود آهن، الجزيره جي ھڪ خبر مطابق ته آمريڪي فوجون ازبڪستان ۽ ڪرغستان ۾ موجود آهن پر خبر ۾ اهو به سوال اٿاريل آهي ته اھي ملڪ سي ايس ٽي او جا ميمبر ھوندي روس جي خلاف ويندا؟ جنهن جو جواب نه ۾ ھوندو ته پوءِ آمريڪا خطي ۾ ڪيئن موجود آهي؟  وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ آمريڪا جي موجودگيءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ آمريڪي نائب صدر ڪملا ھيرس سنگاپور پھچي چڪي آهي، جنهن کان پوءِ ويٽنام ويندي ڇاڪاڻ ته سائگان مان آمريڪي فوجي جنهن تڪليف کان پوءِ نڪتا ھئا ته ان جي به آمريڪا ھڪ قيمت ادا ڪئي ھئي يعني آمريڪا جپان کي ويٽنام ۾ سيڙپڪاري ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو، جنهن جي نتيجي ۾ ويٽنام اڳتي ھلي آمريڪا جو حمايتي ملڪ ٿي ويو،  سنگارپور ۽ ويٽنام اچڻ جو مقصد ڏور اوڀر جي ملڪن کي چين خلاف ھڪ ٿيڻ تي زور ڀرڻ آهي ته جيئن ماڻھن کان طالبان جو ڪابل تي ٿيل قبضو ۽ آمريڪي فوج جي ڀاڄ وسري وڃي، ڪملا ھيرس جو ھي دورو چين خلاف ڪھڙو محاذ کڙو ڪندو ان لاءِ ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو