ليکڪ: شوڪت علي جلباڻي
چيو ٿو وڃي ته ادب تهذيبن جي تاريخ کي سانڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ادب ئي تاريخ جو امانتدار رهيو آهي ۽ انهي مطابق ئي انساني تهذيب جي معيار جي پرک ڪئي ويندي آهي پر مون جيترو پڙهيو ۽ پرکيو آهي ته ادب انساني پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ئي پنهنجو معيار ڏيکاريندو آهي، انهي ۾ سچ جو عنصر معاشري ۾ ملندڙ انساني شعور سان ئي هوندو آهي، هو ڪيئن سوچي ٿو، ڇا چاهي ٿو ۽ ڇا ٻڌڻ ۽ ڏسڻ گهري ٿو؟ ادب طالب کي پنهنجي مراد موجب ئي موٽ ڏني آهي ۽ اهو ئي معاشرتي شعور سڏجي ٿو، ساڳي ريت ٻار جو ماءُ جي پيٽ مان نڪرڻ شرط ئي سندس روئڻ جو آواز سندس شعور جي شروعات آهي، سردي، گرمي، اڃ، بک، سور ۽ روئڻ سندس فطري شعور جا مشاهدا آهن، اهڙي ريت جهڙو ادبي مواد اوهان جي ڀرپاسي ۾ موجود آهي يا اوهان کي مهيا ٿي سگهيو آهي، جنهن تي اوهان ڀاڙيو ٿا اهو ئي اوهان جي موجوده شعور جو ادب آهي ۽ اها ئي اوهان جي تاريخ آهي، دنياوي علم جي مڙني شاخن توڙي ادب جي صنفن ۾ مشاهدو ئي پهرين وک آهي. مشاهدا ئي سوالن کي جنم ڏيندا آهن ۽ سوال وري مشاهدن مٿان مشاهدا ڪرائيندا رهندا آهن، انهيءَ مشاهداتي عمل کي نتيجي تائين کڻي ويندڙ عنصر کي تحقيق جو نالو ڏنو وڃي ٿو. تحقيق کي منظم طور نظم ۽ ضبط سان سرانجام ڏنو ويندو آهي جنهن ۾ موٽ ڪهڙي به ملي پر تحقيق پٽاندڙ حاصل ٿيندڙ تخليقي مواد، نواڻ سان گڏ معاشري ۾ اصلاحي کوٽ جو پڻ پورائو ڪندو آهي،ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي ۽ اهڙا سوال اٿاريندو آهي جيڪي معاشري جي اشد ضرورت هوندا آهن، اهڙو تخليقي مواد ئي ظلم، زيادتي، سماجي اڻ برابري ۽ ناانصافي جي خلاف ڍال بڻجي ذهن تيار ڪندو آهي، ادب جو ڌڻي سمجهيو ويندڙ اديب به انهيءَ سماج جو هڪ فرد آهي، هڪ اديب جنهن جي سوچ ٻئي اديب کان به منفرد ۽ الڳ هوندي آهي اهو پنهنجو پاڻ کي سماج کان ڪٽڻ جي ناڪام ڪوشش ته ڪندو آهي پر هن جي مشاهدن جو مرڪز ۽ تخليق جا ڪردار انهي سماج مان اڀري نڪرندا آهن، جنهن جو عڪس سندس لکڻين مان ملندو آهي، اديب ئي آهي جيڪو معاشري ۾ سوال ڪرڻ جي سگهه رکندو آهي ۽ سوال ئي سڀني تخليقن جو بڻ بنياد هجي ٿو، جاکوڙي جذبن کي اڀارڻ جو ڪم سوال ئي ڪن ٿا، جنهن معاشري ۾ سوال ڪرڻ ۽ جواب ڳولڻ جي سگهه نه هجي يا جنهن معاشري ۾ سوال ڪرڻ تي پابندي هجي اهي معاشرا شعوري طور تي معذور يا مُرده هوندا آهن، سوال هميشه پنهنجو پاڻ کي سوري تي سجائي معاشري ۾ شعور جو روح ڦوڪي ويندو آهي، اهڙو معاشرو احساسن سان ڀرپور هوندو آهي، سنڌي ادب جديد دور ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي پر اها ترقي سماجي طور تي ڪي نتيجا نه ڏئي سگهي آهي، منهنجي خيال موجب انهي جو وڏو سبب تحقيق ۽ تخليق کان قلم جي گهڻي ڀاڱي غير واقفيت آهي، اڳئين دور کان وڌ ڪتاب لکجن پيا، ڇپجن پيا، اخبارن جو تعداد به ڪثرت ۾ موجود آهي، ڊجيٽل ميڊيا جي پويان به اسين ڊوڙي رهيا آهيون، جدت جي نالي تي اسين تيز رفتاري سان ڊوڙڻ جا عادي بڻجي ويا آهيون، شايد تيز رفتاري جي ڪري ئي قلم جي سياهي کي تحقيق جو قط نصيب نه ٿي سگهيو آهي، اسان ڀلي ادب جي ڪهڙي به صنف سان تعلق ڇو نه رکندا هجون اسان ڪمپيوٽر جي جدت جو فائدو وٺندي پنهنجو مزاج به ڪاپي ۽ پيسٽ وارو ڪري ڇڏيو آهي، ڪتابن کي ڇاپڻ جي جلدي کان وٺي ڪالم جي لکڻ تائين اسين ٻين جي ڪيل پورهئي کي پنهنجي نانءُ ڪرڻ ۾ دير نه ٿا ڪريون، آئون انهن حالتن جو ذميوار صرف اديبن، ليکڪن، ڇاپيندڙن، پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي نه پر حالتن کي سمجهان ٿو، ڇو ته هن وقت قلم حالتن جي ور چڙهيل آهي، سوري کي سجائڻ جي لاءِ ڪو تيار ناهي ۽ هر فرد پنهنجي پيٽ جي پورائي لاءِ جدوجهد ۾ آهي، ان ۾ ڪو هرج به ناهي، انسان ارتقائي مرحلن مان گذري هن جدت جي دور تي پهتو آهي، مذهبي ۽ روحاني پهلو کان جيڪڏهن ادب کي آجو ڪري ڪمرشلائيز ڪجي ته ان ۾ ڪو مهڻو ناهي، انهي جا خريدار يا قدردان به پاڻ ادب ئي پيدا ڪندو آهي.معاشري ۾ جتي انسان اٽي لٽي اجهي جي ضرورت محسوس ڪري ٿو اتي اخلاقي تربيت جو اهم ذريعو ادب ئي آهي، ادب دراصل آهي ئي قلم جو پورهيو، هاڻ ان پورهئي ۾ ڪير ڪيتري شفافيت رکي ٿو ۽ ڪير ڪيتري ملاوٽ ڪري ٿو. ان جا چٽا نقش اسان جي اڳيان هن وقت به موجود آهن، مثال طور ڪي قلم پنهنجو داد يا اجورو سماج مان حاصل ڪري ڳاٽ اوچو ڪري جيئن ٿا ۽ اهي ٻين جي احساسن ارمانن جي ترجماني ڪري پنهنجن گهرن ۾ ارمانن، احساسن، خواهشن جا روز جنازا کڻندا رهن ٿا ته ڪي وري درٻاري بڻجي جي حضوري ڪري پنهنجي ساک ۽ وڏو نالو پيدا ڪري وڃن ٿا، اثر رسوخ ۽ اقتداري هجڻ جي ڪري اهو ئي ادب تهذيبن جي اڪثر تاريخ ليکيو ويندو آهي، هن وقت اهڙن قلمن جي اڪثريت هجڻ جي ڪري ئي شايد معاشرو موجوده اخلاقي زوال پذيري ڏانهن ڌڪجندو پيو وڃي، جن قلمن ۾ اجوري جو زنگ لڳل هوندو آهي اهي مٿي بيان ڪيل اختياري شعور رکن ٿا ۽ پنهنجي اجرت موجب ئي تاريخ کي سانڍين ٿا جيڪو ادب اوهان وٽ نج پهتو اهو هڪ مشن يا مقصد هو، جنهن جي پونئيرن انهن کي اڳتي هلي درسگاهن جي بدران درگاهن جا روپ اختيار ڪرائي ورتا آهن. (هلندڙ)