100

سئي گئس ملازمن جي برطرفي جو مسئلو حل ٿيڻ گهرجي…

ايڊيٽوريل

سئي سدرن گئس ڪمپني 2000 ملازمن کي فوري طور تي نوڪرين مان ڪڍڻ  جو  حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب انهن سمورن ملازمن  کي سپريم ڪورٽ جي حڪم  جي روشني ۾ ڪڍيو ويو آهي، گئس ڪمپني جي ايم ڊي عمران منيار  اهڙي حڪم تي صحيح پڻ ڪري ڇڏي آهي، جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ملازمن جي بحالي واري ايڪٽ 2010ع  کي رد ڪري چڪي آهي جنهن ڪري ان ايڪٽ هيٺ بحال ٿيل جن به ملازمن کي ڪڍيو ويو آهي هاڻي نوڪرين تان فارغ آهن. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 17 آگسٽ 2021 ع تي پيپلزپارٽي جي دور ۾ ملازمن جي بحالي واري ايڪٽ 2010ع کي رد ڪري چڪي آهي،  سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو  ويو آهي ته ايڪٽ ذريعي سمورن ملازمن کي ملندڙ فائدا ختم ڪيا ويندا،  ملازم پنهنجي اڳوڻي پوزيشن تي واپس ويندا، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته برطرفي جي وقت دوران ملازمن کي ملندڙ رهتون واپس ڪرڻيون پونديون،رٽائرڊ ملازمن تي فيصلو لاڳو نه ٿيندو، برطرف ملازمن جي بحالي کان پوءِ لاڳيتو ڪيل رهتون پڻ واپس ٿينديون،ترقي ملندڙ عهدن جي ابتڙ ملندڙ فائدا واپس نه ورتا ويندا، ايڪٽ سان ريگيولر ملازمن جو حق ماريو ويو، هڪ خاص طبقي کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ اهو ايڪٽ آندو ويو هو، ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ سول ايوي ايشن ، پاڪستان ٽيلي ڪميونڪيشن ، انٽيليجنس بيورو، سميت 72 ادارن جي ملازمن درخواست داخل ڪئي هئي ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ انهن ملازمن جون نوڪريون پڻ ختم ٿينديون پر انهن کان اڳ سئي سدرن گئس ڪمپني پنهنجي ملازمن کي فارغ ڪري ان جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ملڪ ۾ هن وقت مهانگائي تمام گهڻي وڌيل آهي، بيروزگاري سبب ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن، معاشي صورتحال پڻ ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، پرڏيهي سيڙپڪاري رڪيل آهي، غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي جا انگ اکر ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، اهڙين حالتن ۾ 2000 ملازم برطرف ڪرڻ جو مقصد 2000 خاندانن جي پيٽ تي لت ڏيڻ آهي ۽ هزارين ماڻهن کان زندگيءَ جو جياپو کسڻ برابر آهي، اسان سمجهون ٿا ته اڳ ئي روزگار جا در بند آهن، عالمي وبا ڪورونا سبب انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ لکين ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن، اهڙين حالتن ۾ 2000 ملازمن کي فارغ ڪرڻ انتهائي وڏو الميو آهي، حڪومت اڳ ئي اسٽيل مل جا 4 هزار کان وڌيڪ پورهيت برطرف ڪري چڪي آهي، اسان سمجهون ٿا ته هي وقت ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ نه پر انهن کي سنڀالڻ جو آهي، ان ڪري اسان وفاقي حڪومت کي اها گذارش ڪنداسين ته ڪو اهڙو طريقو ۽ رستو ڪڍيو وڃي جنهن سان ملازم بيروزگار ٿيڻ کان بچي پون ۽ سندن ٻچا ۽ ڪٽنب دربدر نه ٿين، حڪومتن وٽ مسئلن جا حل هوندا آهن ۽ جيڪڏهن حڪومت چاهي ته اهو مسئلو به حل ٿي سگهي ٿو، ڇو ته هي نج انساني مسئلو آهي، جيڪو انساني بنيادن تي حل ٿيڻ گهرجي، هي رڳو سئي سدرن گئس ڪمپني جي ملازمن جو مسئلو نه آهي پر ان ۾ سول ايوي ايشن، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن، انٽيليجنس بيورو سميت 72 ادارن جا ملازم شامل آهن. گڏوگڏ اسان بيروزگار ٿيندڙ ملازمن کي پڻ چئون ٿا ته اهي فيصلي تي نظرثاني لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ٻيهر درخواست داخل ڪرائين ۽ سٺي وڪيل معرفت پنهنجو ڪيس ٻيهر عدالت ۾ وڙهن، اميد آهي ته انهن کي انصاف ضرور ملندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو