168

سنڌ جي هارين کي آسان قسطن تي زرعي مشينري فراهم ڪئي ويندي: منظور وساڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور حسين وساڻ چيو آهي ته سنڌ جي هارين کي آسان قسطن تي زرعي مشينري فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نيون اسڪيمون آڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات لاءِ پنهنجي رهائش گاهه تي آيل ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبي جي مختلف علائقن مان آيل هارين جو وڏي تعداد پڻ موجود هو. منظور وساڻ چيو ته هارين کي جديد زراعت کان متعارف ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ صوبي جي زرعي معيشت جي استحڪام لاءِ سڀئي ملي ڪري ڪم ڪن ته بهترين نتيجا حاصل ٿيندا. هن چيو ته سنڌ جي محنت ڪندڙ هاري صوبي جي زراعت ۾ جديد تقاضن کي اپنائين ۽ ڇوته اسان جي معيشت جو وڏو انحصار زرعي پيداوار تي آهي ان لاءِ پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان کي زراعت جي جديد ترين طريقن سان هم آهنگ ٿيڻو پوندو هن زور ڀريندي چيو ته زراعت جي ترقي ۾ ئي خوشحالي ۽ ڀلائي مضمر آهي. هن چيو ته ڪوشش آهي ته کائڻ جي تيل جي درآمد تي خرچ ٿيڻ واري زر مبادله کي زرعي خود اعتمادي جي ذريعي بچت ڪري سگهون. منظور حسين وساڻ چيو ته زرعي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسان ملائشيا ۽ ٻِين ملڪن جي تجربن مان پڻ فائدو کڻندي. ان موقعي تي صلاحڪار زراعت منظور حسين وساڻ کي هارين پنهنجن مسئلن کان آگاهه ڪيو. منظور حسين وساڻ يقين ڏياريو ته سمورن هارين کي مشاورت سان حل ڪيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو