نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪن هارٽ سوسائٽي چيو آهي ته ڏينهن جو هڪ وڏو حصو ويهندڙ ماڻهن ۾ فالج جو خطرو وڌي وڃي ٿو . آمريڪن هارٽ سوسائيٽي اسٽروڪ ۾ ڇپجندڙ تحقيق ۾ 143 ماڻهن جي هيلٿ ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو تحقيقي ڪم لاءِ 40 سال ۽ ان کان به وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي 09 سال 04 مهينن تائين تجربي ۾ رکيو ويو آهي جاچ موجب اهڙا ماڻهون جيڪي ڏينهن ۾ 08 ڪلاڪ يان ان کان به وڌيڪ وقت ويٺا هوندا آهن . اهڙن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ فالج جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي .جيڪي 04 ڪلاڪ کان گهٽ ويهن ٿا هر ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ 10 منٽ ورزش ڪن ٿا. تحقيق جي اڳواڻ ڪينيڊ جي ميڪ ماسٽر يونيورسٽي مان ڊاڪٽر ريڊ جونڊي چيو آهي ته ويهڻ سان گلڪوز ، ليپڊ ميٽا بولز ۽ رت جي نظام ۾ خرابيون پيدا ٿين ٿيون ۽ جسم ۾ خراب مادن جي مقدار ۾ اضافو ٿي ويندو آهي . آمريڪا جي هارٽ سوسائيٽي موجب صحتمندزندگي لاءِ بالغ ماڻهن کي هفتي ۾ گهٽ ۾گهٽ 150 منٽ تائين وچولي درجي جي ورزس ڪرڻ کپي.
126