ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سکر ٽول پلازه جي عملي پاران وڪيلن سان جهيڙو ڪرڻ خلاف سنڌ بار ڪائونسل طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ بلڊنگ جي مک دروازن کي تالا هڻي بند ڪري ڇڏيو، هڙتال ڪندڙ وڪيلن حاضري تي آيل پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو کي پڻ واپس ڪري ڇڏيو. ڪالهه سکر ٽول پلازه جي عملي پاران وڪيلن سان جهيڙو ڪرڻ خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو. وڪيل تنظيمن جي نمائندن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بلڊنگ جي مک دروازن کي تالا هڻي بند ڪيو ويو ۽ وڪيلن توڙي سائيلن کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ وڪيلن حاضري تي آيل پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو کي به عدالت ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ۽ کيس واپس ڪيو ويو.
