ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽن سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي جي حوالي سان عمران خان جي تقرير تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي اها آهي ته هن مهانگائي کي آسمان تي پهچائي هزارين پاڪستانين کان روزگار کسي ورتو آهي. آمريڪي صدر جي هڪ فون ڪال لاءِ ترسندڙ عمران خان ٽن سالن ۾ پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ اڪيلائي جو شڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان جون ڳالهيون وڏيون وڏيون هونديون آهن ۽ ڪارڪردگي ٻڙي هوندي آهي پر هاڻ عوام دلاسن ۾ نه ايندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته “مون” کان شروع ٿي “مون” تي ڳالهه ختم ڪندڙ وزيراعظم کي ڪو ٻڌائي ته پاڪستان جي ابتدا ۽ انتها اسان عوام آهيون. ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ صرف مافيا کي فائدو ٿيو، اٽي جا چور ۽ کنڊ چور ترقي ڪري ويا عوام مهانگي دوا لاءِ قطارن ۾ بيٺل آهي. هن چيو ته بازارن ۾ مهيني جو راشن خريد ڪرڻ وقت بار بار پنهنجي کيسي کي ڏسندڙ عام ماڻهو عمران خان جي ڪارڪردگي کي چڱي ريت سمجهي ٿو. عمران خان ٽن سالن ۾ ملڪ کي تباهي جي ان ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي جو بحالي ۾ شايد هڪ ڏهاڪو لڳي وڃي. هن چيو ته حڪومتي ڪارڪردگي سرڪاري آفيسرن جي ڪوڙين رپورٽن سان نه پر عوام جي چهرن تي ڦهليل مسڪراهٽ سان سامهون ايندي آهي. عمران خان صلاحڪار ڳولي ڳولي جيڪا حڪومتي ڪارڪردگي تلاش ڪئي آهي اها عوام کي دوربين لڳائي به نظر نه پئي اچي. وزيراعظم کي پاڻ پتو آهي ته هو ملڪ کي انتظامي لحاظ سان تباهه ڪري چڪو آهي پر پنهنجي صد ۽ انا سبب هو اقتدار ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي.
