اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوج به غلطيون ڪري ٿي پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته ان خلاف مهم شروع ڪئي وڃي، مافيا چاهي ٿي فوج حڪومت ختم ڪري. اسان هاڻي ڪنهن جي لاءِ به استعمال نه ٿينداسين، طالبان امن چاهين ٿا، اهي انساني حقن جا علمبردار آهن. پاڪستان به ڪوشش جاري رکندو. پنهنجي حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ جي موقعي تي هڪ ئي وقت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڊيو لنڪ جي وسيلي خطاب ڪندي عمران خان وڌيڪ چيو ته آئون ٽن سالن کان ڏسي رهيو آهيان ته هڪ مافيا آهي جيڪا فوج تي تنقيد ڪري رهي آهي، مافيا فوج تي تنقيد به ڪندي آهي ۽ ان کان حڪومت ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪندي آهي. هن چيو ته غلطيون ته سڀني کان ٿينديون رهنديون آهن، آئون به غلطين تي تنقيد ڪندو رهيو آهيان، مون به ماضي ۾ فوج توڙي عدليه تي پڻ تنقيد ڪئي هئي. فوج به غلطيون ڪندي آهي ۽ اسين سياستدان پڻ غلطيون ڪندا آهيون پرغلطين جو مطلب اهو نه آهي ته فوج جي خلاف مهم شروع ڪئي وڃي، ان جي پٺيان ئي پئجي وڃجي. هن چيو ته هتي مافيا فوج جي خلاف محاذ کولي ڇڏيو آهي، اهي فوج جي پٺيان ان ڪري پيل آهن جو اهي چاهين ٿا ته فوج حڪومت ختم ڪري ڇڏي. اهي پاڻ کي ته جمهوري ٿا سڏائين پر فوج کان وري حڪومت ختم ڪرڻ جا مطالبا ٿا ڪن. عمران خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جي فوج نه هجي ها ته مون کي خبر نه آهي ته ڪهڙو ڏکيو وقت گذارڻو پوي ها. پلواما واقعي کان پوءِ فوج جيڪا موٽ ڏني ان تي ڏاڍي خوشي ٿي۽ فوج جي اهميت جو اندازو پڻ ٿيو. عمران خان وڌيڪ چيو ته افغان طالبان امن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. پاڪستان پڻ افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته آمريڪا سوويت يونين جي خلاف اسان کي استعمال ڪيو، ان اسان کي ناڻو ڏنو ۽ اسان جهادين کي ٽريننگ ڏني. پر روس جي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا اسان کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو. وري پوءِ 11 سيپٽمبر جو واقعو ٿيو ته ٻيهر آمريڪا کي اسان جي ضرورت پئجي وئي ۽ مون جهڙن مخالفت ڪئي ته اسان کي ان جنگ ۾ نه پوڻ گهرجي پر ان باوجود پاڪستان ان جنگ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ آمريڪا اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ به ڊرون سان حملا ڪندو رهيو. ڇا دنيا جي تاريخ ۾ ڪڏهن ايئن ٿيو آهي ته ڪو پنهنجي اتحادين تي بمباري ڪئي هجي. هاڻي اسان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اسين ڪنهن جي جنگ جو حصو نه ٿينداسين ، ڪنهن ٻي جي لاءِ استعمال نه ٿينداسين، هن چيو ته اولهه جي ملڪن کي افغان عورتن جي حقن جي وڏي ڳڻتي آهي، ڇا اڄ تائين ڪنهن ملڪ جي عورتن کي ٻي ڪنهن ملڪ اچي حق ڏياريا آهن، اسان جون عورتون پاڻ ئي حق وٺڻ ڄاڻن ٿيون. عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ موبائل فون جي ڪري جنسي ڏوهه تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. مينار پاڪستان وارو واقعو پوري قوم لاءِ شرمساري جو ڪارڻ آهي. اسان کي پنهنجي ٻارن جي سکيا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظمعمران خان پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڌائيندي چيو ته جڏهن اسين اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ جو واپاري خسارو 20 ارب ڊالر هو ۽ هن وقت رڳو هڪ ارب 8 ڪروڙ ڊالر آهي، اسان جي اقتدار ۾ اچڻ وقت ٽئڪسن جي اوڳاڙي 3 هزار800 ارب روپيا هئي ۽ هن وقت 4 هزار 700 ارب روپيا ٿي رهي آهي آهي، اسان جي اچڻ وقت ملڪ جو مٽا سٽا وارو ناڻو 16.4 ارب ڊالر هو پر هن وقت اهو 27 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي، هي جيڪي انگ اکر ٻڌايان پيو اهي اسحاق ڊار وارا نه آهن. عمران خان چيو ته احساس پروگرام هيٺ غريب ڪٽنبن توڙي آبادگارن سميت مختلف ضرورتمند طبقن مدد ڪري رهيا آهيون. هر ڪٽنب جي هڪ ڀاتي کي وياج بنا قرض ڏنو ويندو. ڪسان ڪارڊ هن وقت پنجاب ۾ شروع ٿيو آهي پر اڳتي ٻين صوبن ۾ پڻ ٿيندو. جڏهن ٻيا صوبا عمل ڪندا ته سنڌ تي پڻ ان سان دٻاءُ پوندو ۽ ان کي به عمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ 10 ڊيم ٺهي رهيا آهن جيڪي ايندڙ 10 سالن ۾ ٺهي پورا ٿي ويندا، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ٿيندو.
