ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ ايئرپورٽ ٻاهران آپگهاتي حملن ۾ 4 آمريڪي فوجين سميت 20 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. حملن جي ذميواري ڪنهن به قبول نه ڪئي آهي پر انهن جو شڪ داعش خراسان تي ظاهر ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته طالبان انهن حملن جي مذمت ڪري ڇڏي آهي. ڪابل تا طالبان جي قبضي کان پوءِ هزارين افغان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پرڏيهه وڃڻ لاءِ ايئر پورٽ جي ٻاهران موجود هئا، ٻه ڏينهن اڳ آمريڪا ۽ انهن جي اتحادين ڪابل هوائي اڏي تي حملن جو امڪان پڻ ظاهر ڪري ڇڏيو هو ۽ ماڻهن کي ايئرپورٽ جي حدن مان پري ٿي وڃڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي هئي، ان کان علاوه طالبان پڻ هوائي اڏي ڏانهن وڌيڪ افغانين جي اچڻ تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. ان باوجود هوائي اڏي جي ٻاهران هزارين افغاني موجود رهيا. خميس ڏينهن سانجهي مهل اتي ٻه ح،لا ڪيا ويا. هڪ آپگهاتي حملو آبي دروازي وٽ ۽ ٻيو حملو بارود سان ڀريل ڪار ذريعي اڏي ٻاهران موجود هوٽل جي ڀرسان ٿيو، هوائي اڏي جي ڀت ڀرسان وهندڙ نيڪال واري پاڻي جي نالي ۾ بيٺل افغان پڻ حملي جو نشانو ٿيا، جتي وڏي انگ ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن کي پڻ نالي ۾ پيل نظر آيا، اٽڪل 10 فيٽ ويڪري ان ڪني پاني جي نالي ۾ اٽڪل هڪ فٽ جيترو پاڻي موجود آهي. واقعي کان پوءِ لاشن ۽ زخمين کي هڪ ڦيٿي وارن ريڙهن ۽ مختلف گاڏين جي ذريعي اسپتالن تائين پهچايو ويو. حملن ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين ۾ ڪيتريون ئي افغان عورتون، ٻار ۽ طالبان محافظ پڻ شامل، آمريڪي شهري ۽ فوجي آبي گيٽ وٽ ٿيل حملي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيا. آخري اطلاعن تائين انهن ٻن حملن ۾ فوتين جو انگ 20 ۽ زخمين جو انگ 50 کان وڌيڪ ٻڌايو ويو. فوتين ۾ 4 آمريڪي فوجي به شامل ٻڌايا ويا آهن ۽ 2 فوجي زخمي ٿيڻ جي به تصديق ٿي آهي. آمريڪي صدر جو بائڊن کي پنهنجي سيڪيورٽي عملدارن سان افغانستان جي صورتحال بابت هلندڙ گڏجاڻي دوران ڪابل حملن جي ڃاڻ ڏني وئي. جڏهن ته ڪابل حملن کان پوءِ آمريڪي صدر جي اسرائيلي وزيراعظم سان رٿيل ملاقات ملتوي ڪئي وئي. حملن جي ذميواري ڪنهن به قبول نه ڪئي آهي پر انهن حملن جو شڪ داعش خراسان تي ظاهر ڪيو ويو آهي، حملن کان اڳ پڻ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين ڪابل هوائي اڏي تي داعش خراسان جي حملن جو امڪان ظاهر ڪيو هو. ٻي پاسي طالبان انهن حملن جي مذمت ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسين انهن حملن جي مذمت ڪريون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اهي حملا انهن هنڌن تي ٿيا آهن جتان جو سيڪيورٽي انتظام آمريڪي فوج وٽ هو، اسين پنهنجي شهرين جي حفاظت ڪرڻ ۽ شرپسندن کي روڪڻ لاءِ ڀرپور اپاءِ وٺنداسين.
