115

ڪراچي جي عدالت ۾ ملڪيت جا جعلي ڪاغذ ٺاهڻ جو ڏوهه ثابت، 3 جوابدارن کي 4-4 سال قيد جي سزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسپيشل اينٽي ڪرپشن ڪورٽ شهيد بينظير ڀٽو جي پڦاٽ جي ملڪيت جا جعلي دستاويز ٺاهڻ واري ڪيس ۾ ملوث ٽن جوابدارن نسرين بيگم، عزيز الرحيم ۽ شيخ ماجد کي مجموعي طور تي 4-4 سال قيد جڏهن ته ٻن جوابدارن فاروق چنا ۽ صدف امجد کي شاهديون نه هئڻ سبب بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڏنو. ڪالهه عدالت پاران فيصلو ٻڌائڻ وقت ٻه جوابدار عزيز الرحيم ۽ شيخ ماجد عدالت ۾ پيش نه ٿيا جڏهن ته عدالت ملزمه نسرين کي حراست ۾ وٺي کيس وومين جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ڪيس جي ٻن مفرور جوابدارن ندا زهريٰ ۽ فيروز جو ڪيس داخل دفتر ڪري ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته عزيز عبدالرحيم ۽ شيخ ماجد ٻئي يو سي سيڪريٽري هئا جڏهن ته نادرا جي ملازم ندا زهريٰ به غير قانوني طور تي ملزمه نسرين جي والد جو نالو تبديل ڪيو. ملڪيت جي اصل مالڪ شهيد بينظير ڀٽو جي پڦاٽ طارق اسلام ايف آءِ اي سان رابطو ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو