ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو پيپلز پارٽي جي سنڌ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس 29 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ طلب ڪري ورتو آهي، پيپلز پارٽي جي سنڌ ايگزيڪيوٽو جو اجلاس 29 آگسٽ آچر ڏينهن منجهند جو 12 وڳي پيپلز پارٽي حيدرآباد جي ضلعي صدر صغير قريشي جي رهائشگاهه حيدرآباد ۾ ٿيندو، ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جا صوبائي عهديدار، ڊويزنل توڙي ضلعي صدر ۽ ذيلي تنظيمن جا صوبائي صدر شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ وفاقي حڪومت طرفان سنڌ سان زيادتين سميت ٻين عوامي اشوز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري لائحه عمل جوڙيو ويندو ترجمان موجب اجلاس ۾ آدمشماري بابت سي سي آءِ جي هڪ طرفي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت طرفان پارليامينٽ کي موڪليل ريفرنس تي وفاقي حڪومت طرفان ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، ارسا طرفان سنڌ کي معاهدي تحت پاڻي جي فراهمي ۾ ناڪامي، وفاق طرفان سنڌ جي ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ، مهانگائي سميت ٻين اشوز تي لائحه عمل طئي ڪيو ويندو، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته اجلاس ۾ تمام ڊويزنل، ضلعي صدر ۽ ذيلي تنظيمن جا صوبائي صدر وقت جي پابندي سان شرڪت يقيني بڻائين، ترجمان موجب اجلاس کان پوءِ صوبائي صدر نثار احمد کهڙو ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏ اجلاس جي فيصلن ۽ لائحه عمل جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا کي بريفنگ به ڏيندو.
