ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گم ٿيل شهري عثمان غني جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالتي ڪمري ۾ جنن جو پڻ ذڪر ٿيندو رهيو، ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل شهري عثمان غني جي گهر وارن ٻڌايو آهي ته هو جيل ۾ آهي جڏهن ته جيل مان معلوم ڪيو آهي هو اتي موجود ناهي، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور جاچ آفيسر کان پڇيو ته گم ٿيل شهرين جي وارثن کي ڪيئن پتو پيو ته هو جيل ۾ آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته عثمان غني جي گهر وارن ٻڌايو آهي ته انهن کي جنن ٻڌايو آهي ته هو ملير جيل ۾ آهي، ان موقعي تي گم ٿيل شهري عثمان غني جي ڀاءُ چيو ته جنن سان تعلق رکندڙ شخص ٻڌايو ته هو جيل ۾ آهي، هن چيو ته جن مون سان به رهن ٿا انهن مون کي به ٻڌايو ته هو بيرڪ نمبر 9 ۾ آهي، ان موقعي تي عدالت رينجرز پراسيڪيوٽر کي مخاطب ٿيندي چيو ته حبيب صاحب ڪم لاءِ اوهان کي ماڻهو ملي ويا آهن، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ٻين گم ٿيل شهرين جي ڳولا لاءِ به جنن سان تعلق رکندڙن جي مدد وٺي سگهجي ٿي، عدالت عثمان غني جي ڀاءُ کي ملير جيل جو دورو ڪرائڻ ۽ جيل ۾ هر هڪ قيدي سان ملائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
