ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور سنڌ بار ايسوسيئيشن پاران عدالتي ڪارروائي ملتوي ڪرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي عدالتي ڪارروائي ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته عدالتون ۽ اسپتالون ڪڏهن بند نٿيون ٿي سگهن، عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته وڪيل برادري نظام کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿي؟ احتجاج جا ٻيا به ڪيترائي طريقا آهن جڏهن ته اسپتالون ۽ عدالتون ڪڏهن بند نه ٿيون ٿي سگهن. جسٽس صلاح الدين احمد رمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته معاملن کي اسان به سمجهون ٿا پر جيڪي سائيل عدالت ۾ آيا آهن انهن کي ڇا چئي واپس موڪليون، عدالت چيو ته جن ڌرين جا وڪيل عدالت ۾ موجود ناهن انهن خلاف ڪارروائي جو حڪم نه ڏينداسين.
