104

ن ليگ پاران حڪومت تي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڀارتي تصويرون ڏيکارڻ جو الزام

لاهور(ويب ڊيسڪ) ن ليگ پاران حڪومت تي 3 سالن جي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڀارتي ويب سائيٽ جون تصويرون ڏيکارڻ جو الزام، ن ليگ پاران سوشل ميڊيا تي ”جعلساز جا 3 سال“ هيش ٽيڪ استعمال ڪيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ڪروڙين رپين جا منصوبا ڀارتي پورٽل جي چوري ٿيل تصويرن تي مشتمل آهن، حڪومت جي 3 سالن جي ڪارڪردگي صرف مهانگائي، بيروزگاري ۽ اظهار جي آزادي جو قتل آهي، جيڪڏهن عوام کي رليف ڏنو ويو آهي ته ان جا ثبوت ۽ تصويرون به هونديون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو