ڪابل(ويب ڊيسڪ) طالبان ترجمان چيو آهي ته عورتن کي گهرن ۾ بند ۽ برقعو پائڻ تي مجبور ڪرڻ واريون خبرون بي بنياد آهن، ميڊيا رپورٽن موجب ذبيح الله مجاهد جو چوڻ آهي ته افعان عورتن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي، عورتن کي گهرن ۾ بند ۽ برقعو پائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ واريون خبرون بي بنياد آهن، عورتن کي سفر جي اجازت هوندي، 3 ڏينهن کان وڌيڪ سفر مرد سان گڏ ڪرڻو هوندو، ذبيح الله مجاهد جو چوڻ هو ته طالبان عورتن تي سخت نه ڪري رهيا آهن، عورتون حجاب سان گڏ سڏ پنهنجي ڪمن تي واپس اچي سگهن ٿيون.
