119

5 ڪروڙ خرچ ڪرڻ بعد به سي ويو تي ڦاٿل جهاز نه نڪري سگهيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 5 ڪروڙ خرچ ڪرڻ بعد به سي ويو تي ڦاٿل جهاز نه نڪري سگهيو آهي،  سي ويو تي ڦاٿل جهاز کي ڇڪڻ لاءِ 3  رسيون ٽٽي پيون، جنهن ڪري آپريشن معطل ڪيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته آپريشن ۾ هارمني ۽ اينڊيوز الي ٻه ٽگ، ڪرين بردار بوٽ ۽ رنچز استعمال ڪيا ويا،  سي ويو ته 21 جولاءِ تي ڦاٿل جهاز کي ڪڍڻ لاءِ ٻيهر ڪوشش ڪئي وئي جيڪا ناڪام ٿي وئي، جهاز کي ڪناري کان سمنڊ جي طرف مڙيو ويو پر ناقص منصوبابندي سبب جهاز کي ڇڪيندڙ ٽئي رسيون ٽٽي پيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو